ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ ڪيبل جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگري فوت، گهر ۾ ڪهرام. خبر موجب شهر جي بلوچ ڪالوني ۾ ڪيبل جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 14 ورهين جي غلام فاطمه ڌيءُ حبيب الله ڊول فوت ٿي وئي، واقعي سبب نينگري جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.