شھدادپور(ن پ ا) شھدادپور ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو. ان ڏس ۾ شھر جي اقصيٰ ڪالوني ۾ 22 ورهين جو نوجوان طاهر راجپوت گهر اندر فرج مان اوچتو ڪرنٽ لڳو، وارث نوجوان کي شھدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينسز اسپتال کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽر پڻ موت جي تصديق ڪئي، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي نوجوان ٽئڪسي هلائي پنهنجي خاندان جو پيٽ گذر ڪندو هو. ان حوالي سان فوتي جي پيرسن پيءُ مولوي محمد انور ٻڌايو ته پُٽ رات دير سان مهمانن کي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي جيئن گهر پهتو پاڻي پيئڻ لاءِ فرج کوليو ته اوچتو کيس ڪرنٽ لڳو ۽ پَٽ تي ڪري فوت ٿي ويو. ٻئي طرف فوتي نوجوان جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، سندس امڙ ۽ ڀينرن سميت سمورو خاندان نوجوان جي وڇوڙي تي لڙڪ لاڙي ويٺو.