ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) روس جي ڊينيل ميدوديو يو ايس اوپن ٽينس جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويا آهن، جڏهن ته ڪينيڊا جي ليلي فرنڊس وومينز سنگلز جي فائنل فور ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي. گرينڊ سليم ايونٽ يو ايس اوپن ۾ ورلڊ نمبر 2 ڊينيل ميدوديو ڊچ حريف خلاف شاندار شروعات ڪئي ۽ ڪاميابي ماڻي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. ٻئي پاسي وومينز سنگلز ۾ ڪينيڊا جي ليلي فرنڊس يوڪرين جي اليلينا سوتيلينا کي ڪست ڏئي فائنل فور ۾ جاءِ ٺاهي.