ممبئي(شوبز نيوز) برصغير جي ماڻهن ۾ ناليواري ڪيترائي گيت گائڻ واري ڀارتي گلوڪارا 88 سالن جي آشا ڀوسلي انڪشاف ڪيو آهي ته اهي پنهنجا گيت ناهي ٻڌندي، زندگي جي 89 هين سال ۾ داخل ٿيندڙ گلوڪارا هڪ انٽرويو ۾ موجوده دور جي موسيقي ۽ گيتن تي تعجب جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هاڻي گيتن جو دور ختم ٿي چڪو آهي.آشا ڀوسلي ٻڌايو ته اڄوڪي دور ۾ ٽي وي چينل ڪمائڻ جي لاءِ گلوڪارن کان به اداڪاري ۽ ڊانس ڪرائين ٿا.هن چيو ته جديد موسيقي ۽ گيتن تي تعجب جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ گلوڪار جو ڪم رڳو گنگنائڻ آهي، رقص ڪرڻ، ننڍا ڪپڙا پهري پرفارمنس ڪرڻ اداڪارن جو ڪم آهي.آشا ڀوسلي ٻڌايو ته اها نئين دور جا گيت ناهي ٻڌندي ۽ نه ئي ڪڏهن وقت ڪڍي پنهنجا گيت ٻڌا آهن.ڪيترائي مشهور گيت ڳائڻ واري گلوڪارا ٻڌايو ته ماضي ۾ مرد ۽ عورت گلوڪار هڪٻئي جي آمهون سامهون ٻيهي گيت ڳائيندا هئا، اڄ ڪلهه ٽيڪنالاجي جي مدد سان گلوڪار هڪ هڪ لائين ڳائيندا آهن ۽ انهن کي ايڊٽ ڪيو ويندو آهي.هن پراڻي گيتن جو ريمڪس ٺاهڻ جي معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته شروعات ۾ مونکي اهو سڀ ڪجهه تمام گهڻو غلط لڳو هو ۽ سينيئر ماڻهن سان اهڙي شڪايت به ڪئي، تنهن هوندي به هاڻي انهن شين جي عادت پئجي وئي آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجو آواز مدهو بالا ۽ ريکا لاءِ ڏاڍو ٺهندو هو، ائين لڳندو هو ڄڻ اهو آواز انهن ٻنهي اداڪارائن جو پنهنجو آواز آهي.