ميرپورخاص(رپورٽ:روي شنڪر مالھي) ميرپور خاص ۾ انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ڪراچي ٽيم بدين کي شڪست ڏئي ڇڏي. ڪراچي زون ون ٽيم پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 208 رنز اسڪور ڪيو، اسامه بن طارق 53 ۽ ثاقب 50 ۽ ڪيف 35 رنز ٺاهيون. بدين طرفان ثاقب زاهد 3 ۽ محمد وليد 2 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ بدين جي ٽيم 114 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ثاقب زاهد  23، زين العابدين 16 ۽ عزيز اشرف 14 رنز ٺاهيون.