يوڪرائين جي جنگ- نوان خدشا ۽ خوف

0
119
هڪ-مدبر-جو-وڇوڙو

روس ۽ يوڪرائين جي جنگ کي ذري گهٽ اچي چار مهينا پورا ٿيڻ وارا آھن. هن وقت يوڪرائين جي اوڀر ڏکڻ وارا علائقا ۽ اتان جا وڏا وڏا شھر روس جي قبضي ھيٺ آھن۔ اوڀر يوڪرائين اتان جي اقتصادي سرگرمين جو محور ۽ ڳتيل شھرن وارو هڪ  علائقو آھي جتي جي سرزمين تي هڪ طرف روسي فوجون ڄڻ گوبل هر پيون هلائن ته ٻئي طرف اتان جو صدر ولاديمير زليينسڪي ملڪ جو وڏو حصو روسين جي قبضي ۾ وڃڻ باوجود اسان جي جنرل يحيٰ خان واريون سِڪُون لاهيندي جنگ جاري رکڻ جا اعلان ڪندو، يورپي يونين ۽ نيٽو کان هٿيارن ۽ ڊالرن جي رسد جي گُھرَ ڪندو ۽ سندن مفادن جي تحفظ لاءِ کين آخري  وقت تائين proxy war وڙھڻ جي پڪ  ڏيندو اچي ٿو۔ جنهن جي نتيجي ۾ هي جنگ ضرورت کان ڪجھه  وڌيڪ اينگهجي ته چڪي آھي پر ان جنگ عالمي سياست ۾ نوان خدشا ۽ خوف به پيدا ڪيا آھن۔ ڏٺو وڃي ته يوڪرائيني صدر زلينسڪي، بائيڊن ۽ پيوٽن جي ناعاقبت انديشي يورپ ته ڇا پر دنيا جي امن لاءِ مسئلو پيدا ڪري وڌو آھي۔  اهو مسئلو ملڪن سان واڳيل سندن تاريخي سرزمين جو آھي۔ جنهن ڏانهن روس ۽ چين دنيا جو ڌيان ڇڪائي رهيا آھن۔

صدر پيوٽن جي يوڪرائين تي حملي کان پوءِ  انهي اعلان ته يوڪرائين جي نوي سيڪڙو زمين جو اصل مالڪ روس آھي. جيئن هتي نقشي ۾ به ڏيکاريل آھي.  چين تي به اثر ڇڏيا آھن  ڇو ته چين جيتري وڏي آبادي وارو ملڪ آھي اوتروئي سندس زمين به ڪشادي هئي۔ يورپي قومن کان به گهڻو اڳ چين خشڪي ۽ سامونڊي رستي دنيا سان واپار ڪندو رهندو هو۔ تاريخي طور تائيوان، هانگ ڪانگ ۽ ميڪائو چين جا حصا رهيا آھن جن کي هو پاڻ سان ملائي صديون اڳ چيني سرحدن جي ٻيهر بحالي جي ڪوشش ۾ آھي.  ٻئي طرف پيوٽن به ان لحاظ سان حق بجانب آھي. پڙھندڙن کي ڏنل نقشي مان معلوم ٿيندو ته 1654ع ۾ يوڪرائين، خيرپور ميرس جهڙي هڪ ننڍڙي رياست طور وجود رکندو هو جنهن تي قزاق قبيلا حڪمران هئا. مشھور قزاق سردار بهودان خميلنسڪي روس سان هن رياست جو الحاق ڪيو هو جنهن جو نالو يوڪرائين نه پر ٻيو ڪو نالو هو. پوءِ مختلف دورن ۾ روسي زارن مختلف  علائقا فتح ڪندي يوڪرائين جي انتظام هيٺ ڏيڻ شروع ڪيا جيڪو سلسلو لينن ۽ پوءِ اسٽالن ۽ خروشوف تائين هلندو آيو يعني 1654 کان 1957 تائين مسلسل ٽي صديون يوڪرائين ۾  مختلف علائقا روسين هٿان شامل ٿيندا رهيا انهن مان ڪنهن جي خواب خيال ۾ به ڪونه هو ته ڪو يوڪرائين روس کان الڳ به ٿي سگهي ٿو. پيوٽن جي يوڪرائين جي زمين مٿان اهڙي تاريخي  دعوى کان پوءِ پولينڊ جي قوم پرستن به ڪن کڙا ڪيا آھن. يوڪرائين جو اولھه وارو سمورو حصو ۽ مشھور شھر لُوُوفَ دراصل پولينڊ جي ملڪيت رهيا آھن. بالٽڪ سمنڊ جو ملڪ ليٿونيا به پولينڊ ۾ شامل هو. روسي ايجنسين جي رپورٽن پٽاندڙ پولش قوم پرست ڳجهھ ڳوهه ۾ اها سرزمين واپس وٺڻ جو ارادو رکن ٿا. جنگ ختم ٿيڻ ۽ اوڀر يوڪرائين روس جي مڪمل قبضي ۾ وڃڻ کان پوءِ وارسا اهڙي چر پر ڪندي نيٽو ملڪن کي اولهھ يوڪرائين کي پولينڊ سان ملائڻ تي آماده ڪري سگهي ٿو.

آمريڪين جو روس کي يوڪرائين ۾ ڦاسائڻ  دلپشوري ڪرڻ واري ڳالهھ به ٿي سگهي ٿي ته هٿيارن جي کپت مان تڪڙو ۽ جھجھو ناڻو ڪمائڻ به ٿي سگهي ٿو ۽ روس کي اقتصادي مار ڏيڻ به سندس حڪمت عملي جو حصو هوندي.  صدر بائيڊن جا يوڪرائين ۾ پنهنجا ذاتي ۽ آمريڪي رياست جا واپاري مفاد، پيوٽن جو روسي تاريخ ۾  پنهنجو نالو لکرائڻ جو شوق ۽ زلينسڪي جي غير اخلاقي ۽ غير سنجيده سياست هڪ طرف هڪ بهترين قوم ۽ ملڪ کي تباهه ڪرڻ جو سبب بڻجي رهي آھي ته ٻئي طرف دنيا مٿان جنگ جا ڪڪر ڇائنجي رهيا آھن. نه ته دراصل بائيڊن کي بنيادي چئلينج ايشيا پيسفڪ ۾ موجود آھن جتي چين، گريٽر چائنا جي تصور هيٺ تائيوان کان وٺي جپان ۽  آسٽريليا تائين دنيا جي سڀ کان وڏي نيول طاقت آمريڪا لاءِ خطرو بڻجي اڀريو آھي.  ان کان سواءِ first island chain  ۽ گريٽر چائنا جا تصور آمريڪا ۽ سندس اتحادين لاءِ وڏي خطري جي گهنٽي آھن. ٻئي طرف تائيوان جو هڪ جدا ملڪ طور وجود چين جي قومي شان ۽ مان لاءِ به هڪ وڏو چئلينج بڻيل آھي. ڇاڪاڻ ته تائيوان کان وٺي جپان جي هاڪيدو بندر تائين ڪيترائي ننڍا وڏا، آباد ۽ غير آباد سامونڊي ٻيٽ تائيوان جي قبضي ۾ آھن جتي اڪثر آمريڪي نيوي جي چرپر ٿيندي رهي ٿي. انهن ٻيٽن مان ڪجھه تي جپان پنهنجي مالڪي جي دعوى ڪري رهيو آھي جيڪي ڳالھيون چين کي  اک ۾ ڪک وانگر چڀي رهيون آھن ۽ هو پيوٽن جي يوڪرائين مٿان تاريخي دعوى وانگر تائيوان سميت انهن سڀني ٻيٽن کي پنهنجي سرزمين سمجھي  ٿو. ٻئي طرف چين ايشيا ۾ آمريڪي اتحادين ڏکڻ ڪوريا جپان ڀارت۽ سِنگاپور وغيره لاءِ به خطرو بڻيل آھي.  آمريڪا کي اصل ڌيان اوڏانهن ڏيڻ گھرجي ها.

ان ڳالھه ۾ ڪوبه شڪ گمان ڪونهي ته روس اڳرائي کان ڪم وٺندي هڪ آزاد ۽ سکيي ستابي پاڙيسري ملڪ تي حملي آور ٿي ان کي تهس نهس ڪري ڇڏيو آھي جيڪو عمل گڏيل قومن جي چارٽر، انساني حقن ۽ عالمي قانون جي نفي آھي پر اها به وڏي حقيقت آھي ته روس لاءِ جنگ کان سواءِ نيٽو کي روڪڻ جو ٻيو ڪو رستو  به ڪونه بچو هو. پيوٽن لاءِ مغربي ميڊيا ڪهڙو به تاثر ڏيندي هجي پر سندس لاءِ  هڪ ڀٽڪيل ڀاءَ کي غيرن جي هٿن ۾ کيڏڻ ۽ پنهنجي گھر کي بچائڻ  لازم ٿي پيو هو. ياد رهي ته 2015ع جي  ملٽري ڊاڪٽرائين ۾  روس واضح طور  آمريڪا کي پنهنجو دشمن ملڪ قرار ڏنو هو. سرد جنگ وارن خطرناڪ سالن ۾ به سوويٽ روس اهڙن واضح ۽ چٽن اکرن ۾ آمريڪا کي پنهنجو دشمن ملڪ نه سڏيو هو جيئن کليل نموني پيوٽن کيس دشمن ملڪ چئي رهيو آھي  پر ان دور ۾ آمريڪا به سوويٽ يونين سان سڌي ڇيڙ ڇاڙ کان پرهيز ڪندي اهڙيون اڳرائي واريون حڪمت عمليون اختيار نه ڪيون هيون بلڪه سوويٽ يونين جي خاتمي وقت روسي قيادت کي نيٽو اتحاد جي انهن ڏينهنَ وارن حدن کان هڪ انچ به اڳتي نه وڌڻ جي ضمانت به ڏني هئي۔ اڳتي هلي آمريڪا کان عالمي سياست ۾ روس جون ڪاميابيون هضم نه ٿيون ۽ ھن روس کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ سندس پاڙيسري ملڪن کي نيٽو ۾ شامل ڪرڻ شروع ڪيو.

هونئن به نيٽو اتحاد آھي ئي  آمريڪا جي ڪمانڊ هيٺ. ڀلي هرسال ان جو civilian head واري واري سان هر ميمبر ملڪ مان چونڊبو اچي، پر اها تاريخي حقيقت آھي ته پنهنجي وجود کان وٺي اڄ تائين نيٽو جي فوجي ڪمانڊ آمريڪي جنرل وٽ رهندي اچي ٿي.  ٿوو اڃا وڌيڪ غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته آمريڪا 1949ع ۾ نيٽو جو وجود ٽن اهم سببن جي ڪري آڻايو هو جنهن جو پهريون سبب مارشل پلان ذريعي يورپ ۾ ٿيل پنهنجي   سيڙپڪاري کي تحفظ ڏيڻ هو ۽ ٻيو ائٽلانٽڪ سمنڊ واري پنهنجي حصي کي روس جي ڪنهن امڪاني حملي کان بچائڻ ۽ ٽيون سبب اتر ائٽلانٽڪ  ۽ ڀُونءِ وِچُ سمنڊ تائين رسد حاصل ڪرڻ ھو. اهو نيٽو جو شروعاتي دور هو ۽آمريڪا عالمي سياست ۾ سندس ليڊر طور نئون نئون داخل ٿيو هو جڏهن ته هن وقت سندس شمار دنيا جي وڏي ۾ بحري طاقت طور تسليم ٿيل آھي.

يوڪرائين جي جنگ جا نتيجا خود يورپ لاءِ ڀيانڪ نڪري سگهن ٿا. هي جنگ سندس اقتصادي طاقت کي به مليا ميٽ ڪري سگهي ٿي يا تاريخي دعوائن جي ڊوڙ ۾ اچي طاقتور  يورپي ملڪ خانه جنگي جو شڪار به ٿي سگهن ٿا يا وري ملٽري اتحادن جي جھنڊي هيٺ ايٽمي جنگ جو بک بڻجي سگهن ٿا. تاريخي دعوائون ته يورپ کان ٻاهر ٻين علائقن جهڙوڪ وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ به جنگ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. اهڙي طرح يوڪرائين جي جنگ ۾ پيدا ڪيل تاريخي دعوائون بنيادي طور زار شاهي، گريٽر چائنا، خلافت ۽ اکنڊ ڀارت جي تصور جو ورجاءَ آھن جيڪي مستقبل ۾ دنيا جي امن لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي سگهن ٿيون. موجوده دور ۾ دنيا اندر امن قائم ڪرائڻ چئن عالمي طاقتن آمريڪا يورپي يونين روس ۽ چين جي جوابداري ۾ شامل آھي پر هو جڏهن پاڻ گمراه آھن ته ٻين جي ڪهڙي رهبري ڪندا.

آنک خود گمراہ است چرا رھبری ڪنند

[email protected]