عوام بدران اقتدار لاءِ فڪرمند سياسي ڌريون

0
112
اڄ کان معاملا سڌا ٿيندا يا ڇڪتاڻ وڌندي؟

ڏهه جون واري ڏينهن ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ايندڙ مالي سال جي 4598 ارب روپين جي خساري واري وفاقي بجيٽ پيش ڪئي. بجيٽ خسارو پورو ڪرڻ لاءِ ملڪ اندران  توڙي پرڏيهھ مان قرض حاصل ڪري خسارو پورو ڪرڻ جي تجويز ته بجيٽ ۾ شامل ڪئي وئي آھي پر حيرت آھي ته آءِ ايم ايف کان متوقع طور تي ملندڙ قرض جي رقم کي بجيٽ جو حصو نه بنايو ويو آھي. سوال اهو ٿو پيدا ٿي ته ڇا آءِ ايم ايف کان متوقع طور تي ملندڙ قرض جي رقم کي بجيٽ ۾  شامل ڪرڻ جو مامرو حڪومت کان رهجي ويو آھي يا حڪومت کي آءِ ايم ايف وٽان قرض ملڻ جو امڪان نظر نه اچڻ ڪري  ان کي بجيٽ جو حصو نه بنايو ويو آھي.  خير مامرو ڪجھه به هجي موجوده حالتن ۾ آءِ ايم ايف کان قرض حاصل ڪرڻ پاڪستان لاءِ  انتهائي ضروري آھي ڇو ته ناڻي وزير مفتاح اسماعيل اهو چئي چڪو آھي ته“ جيڪڏهن آءِ ايم ايف کان قرض نه مليو ته پاڪستان معاشي لحاظ کان ڏيوالو ٿي ويندو  آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ لاءِ پيٽرول مصنوعات تي سبسڊي ختم ڪرڻي پوندي” مطلب ته ناڻي وزير پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وري غير معمولي اضافو ڪرڻ جي ڳالھه ڪري رهيو آھي. هي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر تي 60 سٺ روپين جو اضافو ڪري چڪي آھي جولاءِ تائين پيٽرول جي  ليٽر تي 19 ۽ ڊيزل تي 50 روپين کان وڌيڪ اضافو ٿيڻ جا اشارا ڏنا پيا وڃن.

ڳالھه اتي ختم نٿي ٿئي پيش ڪيل بجيٽ ۾ ايندڙ سال دوران پيٽرول ليوي جي مد ۾ 750 ارب روپيا اوڳاڙڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آھي، ان جو مطلب اهو ٿئي ٿو ته ايندڙ سال دوران پيٽرول مصنوعات جي في ليٽر تي 30 روپيا ليوي ۽ جي ايس ٽي ان کان ڌار وٺڻ جا ارادا ڪيا پيا وڃن. ملڪ معاشي ڏيوالي ٿيڻ جي ڪناري تي آھي   ظاهر آھي ته آءِ ايم ايف کي به پاڪستان جي ان خراب صورتحال جو چڱي ريت اندازو هوندو ان ڪري آءِ ايم ايف پاڪستان جي مجبوري جو پورو فائدو وٺندي پاڪستان کي پنهنجي سخت شرطن جي بار هيٺان دٻائڻ جي مڪمل ۽ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آھي. حيرتناڪ صورتحال اها آھي ته ملڪ معاشي طور ڏيوالي جو شڪار ٿيڻ جي اچي ڪناري تي پهتل آھي، ملڪ جي خراب معاشي صورتحال جو بار عام ماڻهن جي زندگي کي جهنم بنائي رهيو آھي پر اسان جي ملڪ ۾ موجوده حالتن کي اڪثر سياسي ڌريون   پنهنجي سياسي فائدي لاءِ استعمال ڪري اقتدار جو رستو ٺاهڻ لاءِ عوام کي گمراهه ڪرڻ جي مشن ۾ رڌل آھن.  پي ٽي آءِ حڪومت جو ناڻي وزير شوڪت ترين بجيٽ پيش ٿيڻ بعد چئي چڪو آھي ته“ ملڪ اندر مهانگائي 11.5 سيڪڙو تي محدود رهڻ بجاءِ مهانگائي جي شرح 25 کان 30 سيڪڙو تي پهچي ويندي ، آءِ ايم ايف کان حڪومت کي قرض نه ملي سگهندو” اڳوڻي ناڻي وزير جي بيان تي غور ڪجي ته ان کي لڳي رهيو آھي ته معاشي حالتون ايتريون ڳنڀير آھن جو مهانگائي ۾ ٻيڻ کان وڌيڪ اضافو ٿيڻ وارو آھي پر اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ باوجود سوال هي آھي ته پي ٽي آءِ ڇا انهن حالتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪري رهي آھي ؟ ان سوال جو جواب آسان آھي ته پي ٽي آءِ ملڪ جي موجوده سياسي عدم استحڪام جي صورتحال کي پنهنجي سياسي فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آھي.

پي ٽي آءِ سربراه عمران خان موجوده مهانگائي ۽ خراب صورتحال جو پرچار ڪري موجوده اتحادي حڪومت کي نااهل، ناڪام ۽ عوام جي احساس کان وانجهيل حڪومت تصور ڪرائي مئي ۾ اسلام آباد ۾ ڌرڻي هڻڻ ۾ بري طرح مليل ناڪامي کانپوءِ  موجوده صورتحال سياسي خواهشن کي پورو ڪرڻ جهڙي محسوس ٿي رهي آھي. کيس لڳي رهيو آھي ته عوام مٿان جڏهن هن حڪومت ٻن مهينن جي مدت ۾ ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي جي ڇڀ ڪيرائي آھي عوام جي ان ڪاوڙ مان فائدو وٺڻ جو هي موقعو آھي ان ڪري عمران خان وري عوام کي اهو چئي رهيو آھي ته اسلام آباد ۾ ڌرڻي لاءِ منهنجي سڏ جو انتظار ڪيو وڃي. شايد عمران خان جولاءِ تائين پيٽرول جي في ليٽر قيمتن ۾ وڌيڪ 19 روپيا ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 50 روپين کان وڌيڪ اضافو ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو آھي اهو ئي سبب آھي ته عمران خان بار بار اهو چئي رهيو آھي ته عوام کي هاڻي خبر پوندي ته مهانگائي ڇا ٿيندي آھي. جيڪڏهن پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ مٿي ڄاڻايل اضافو جون جي باقي رهيل پنڌرهن ڏينهن ۾ ٿيو ته جيڪا مهانگائي ڀيانڪ ڏانئڻ واري چهري سان نمودار ٿيندي ان کان هر ڪو پناهه جا درڳوليندو،ملڪ جي ڪل آبادي ۾ اڪثريت رکندڙ غريب ماڻهن لاءِ ته ٽن ويلن جي ماني جو بندوبست ڪرڻ  مشڪل ٿي ويندو. ناڻي وزير جنهن بجلي ۽ گيس جي شعبي ۾ گردشي قرض بابت اهو فرمايو آھي ته جيڪڏهن  ان تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته اهي گردشي قرض ملڪ کي لوڙهي ڇڏيندا. جيڪڏهن بجلي،گيس، پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو ته زميني حقيقتن جي ڳالھه اها آھي ته گردشي قرض ۾ ايترو اضافو ٿيندو جو حڪومت جي وهم گمان ۾ به نه هوندو ڇو ته ايتري واڌ سان بجلي، گيس جا بل جڏهن ماڻهن جي اڪثريت وٽ ادا ڪرڻ جي سگھه ئي نه هوندي ته اهي بل ادا ڪٿان ڪندا؟ جيڪڏهن حڪومت سمجهي ٿي ته ايتري مهانگائي ڪرڻ بعد عوام کي ماهوار ٻه هزار روپيا ڏئي مهانگائي کان بچائي سگهي ٿي ته ان سوچ تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو.

هن اتحادي حڪومت ته مهانگائي جا ملڪي رڪارڊ ئي ٽوڙي ڇڏيا آھن ان مان اهو محسوس ڪيو پيو وڃي عمران خان پاران حڪومت جي ساڍن ٽن سالن دوران ڪيل گناهه ڌوپجي رهيا آھن عمران خان کي وقت کان اڳ گهر ڀيڙو ڪرڻ عمران خان جي سمورين ناڪامين کي ڌنڌلو ڪري کيس سياسي طور نئون جنم ڏياريو آھي. ايئن لڳي رهيو آھي ته عمران خان سان اختلافن جي نالي تي ان جي ٻڏندڙ سياسي ٻيڙي کي ٻڏڻ کان بچايو ويو آھي.  عمران خان ملڪ کي جنهن معاشي صورتحال ۾ ڇڏي ويو هو ان کي وساري عوام کي پنهنجي حڪومت  ۽ هن اتحادي حڪومت وچ ۾ فرق محسوس ڪرائي رهيو آھي ۽ هر اها ڪوشش ڪري رهيو آھي جنهن سان ملڪ اندر سياسي عدم استحڪام پيدا ٿئي. ساڍن ٽن سالن تائين حڪومت ڪري اهو عمران خان کي به معلوم ٿي ويو آھي ته معاشي استحڪام لاءِ ملڪ اندر سياسي استحڪام هجڻ گهرجي پر عمران خان هر اهو قدم کڻي رهيو آھي جنهن سان هي حڪومت ڪمزور ٿئي.

قومي اسيمبلي ۾ جيڪڏهن عمران خان اچي ويهڻ جو فيصلو ڪري ته هن حڪومت کي اسيمبلي ۾ سخت پريشان ڪري سگهي ٿو پر پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ۾ واپسي سان سياسي نظام مضبوط ۽ هن اتحادي حڪومت کي تسليم ڪرڻ هوندو، ان ڪري هو اسيمبلي ۾ نه اچي هڪ طرف حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جي ايجنڊا تي هلي رهيو آھي ته ٻئي طرف پنجاب ۾ پنهنجي حڪومت قائم رکڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي  ايتري تائين جيڪي پنجاب اسيمبلي جون ويھه سيٽون خالي ٿيون آھن انهن تي ضمني چونڊ به وڙهي رهيو آھي جيئن انهن تي ڪاميابي حاصل ڪري پنجاب ۾ حڪومت برقرار رکي سگهجي. مطلب ته پي ٽي آءِ هجي يا اتحادي حڪومت هر ڪنهن کي پنهنجي سياست جو فڪر آھي هر ڪو سياسي مخالف کي هر حال ۾ ملھه مارڻ لاءِ ملڪ جي عوام جو ڪو خيال ڪرڻ بجاءِ انهن کي سياسي ٻارڻ بنائي پنهنجو اقتدار طرف سياسي رستو  صاف ڪرڻ جي ويڙھه ۾ آھي.

ملڪ جي موجوده صورتحال جي منظر ڪشي ڪجي ته ملڪ جي ڪل آبادي مان اڪثر آبادي تي سڪتي جي صورتحال طاري ٿيل محسوس ٿي رهي آھي. ملڪ جي اڪثر عوام لاءِ جيڪي حالتون پيدا ڪيون ويون آھن يا جيڪي حالتون ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد رکندڙ غريب ماڻهن لاءِ جولاءِ ۾ پيدا ٿيڻ واريون آھن انهن حالتن ۾ غريب ماڻهو جو گذران مشڪل ٿي ويندو.

ملڪ جي قيام کان وٺي  اقتداري سگھه  پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ  نت نئين رٿابندي ۾ مصروف رهندڙن به جيئن هن دور ۾ وائکا ٿيا آھن ايئن ڪڏهن به کين وقت نروار ڪري سامهون نه آندو آھي. عمران خان جي حڪومت ۾ اچڻ بعد عمران خان جن جي تعريف ۾ راڳ درٻاري ڳائيندي نه ٿڪبو هو انهن جي حمايت وڃائڻ بعد هاڻي راڳ تنقيدي ۾ تبديل ٿي ويو آھي. عمران خان جي حڪومت جي قيام بعد جن کي عمران خان سليڪٽيڊ لڳندو هو ۽ هو سليڪٽرن کي تنقيد جو حدف بنائيندا هئا انهن جا سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ٿي ويا آھن هاڻي اهي راڳ تنقيدي بجاءِ راڳ تعريفي  ڳائي رهيا آھن. سياست ۾ موقف ڪپڙن وانگر مٽائڻ جي ان روش ملڪ اندر سياسي پارٽين جي عوامي سگھه کي اچي پوين پساهن ۾ آڻي ڇڏيو آھي.

سياسي پارٽين جي اها صورتحال ملڪ اندر جمهوريت جي مستقبل لاءِ انتهائي گهڻي خطرناڪ آھي پر فلحال ته ملڪ انتهائي خراب صورتحال ۾ آھي ملڪي حالتون اهڙيون آھن جن ۾ ڪجھه به ٿيڻ جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي.جيڪڏهن ملڪ بجاءِ ايئن سياسي فائدي واري ايجنڊا تي هلڻ  واري هوڏ قائم رهي   ته سڀني جي سياسي نقصان سان گڏ ملڪ جو نقصان ٿيندو. سڀني کي معلوم آھي ته حڪومت عمران خان جي هجي يا شهباز شريف جي اسان جي ملڪ جي معيشت غيرملڪي ۽ ملڪي قرضن تي هلندي ته پوءِ انهن رستن کي مشڪل بنائڻ اصل ۾ ملڪ ۽ عوام کي  مشڪلاتن ۾ وجهڻ آھي. عمران خان هڪ طرف هن حڪومت کي آءِ ايم ايف جو غلام چئي رهيو آھي آمريڪا جي مرضي سان قائم ٿيل حڪومت قرار ڏئي رهيو آھي ته مٿان اهو به چئي رهيو آھي ته هن حڪومت کي آءِ ايم ايف کان قرض نه ملي سگهندو. جيڪڏهن هي حڪومت آمريڪا جي آشيرواد سان آيل هجي ها ته ڇا هن حڪومت کي آءِ ايم ايف اڳيان ايئن منٿون ۽ نڪ رڳڙڻو پوي آھي ڇا آءِ ايم ايف آمريڪا بهادر کي ناراض ڪري سگهي ها، ان ڪري سياسي مخالفت ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال خراب ڪرڻ کان پاسو ٿيڻ گهرجي جنهن جا اثر سڌو سنئون عام ماڻهو ڀوڳي رهيا آھن.

سياسي ڌريون عوام کي راند جو ميدان بنائي هڪ ٻئي سان راند ڪرڻ جو سلسلو بند ڪن. عوام سان “ وڙهن سان لتاڙجڻ ٻوڙا ” واري چوڻي جهڙي حالت نه ڪن ڪجهھ ته سياست ۾ عوام جي احساس لاءِ گنجائش کي قائم رکيو وڃي.جيڪڏهن عوام ايئن محسوس نه ڪيو ۽ عام ماڻهن جي زندگي بدتر کان بدتر ٿي ته پوءِ عام ماڻهن  لاءِ سياسي  اڳواڻ هن شعر وانگر ٿي ويندا “احساس بنا ماڻهو، اخبار پراڻي آ” پر نظر  اچي رهيو آھي ته سياسي ڌرين کي عوام کان وڌيڪ سياست جو فڪر آھي. جيڪڏهن سموريون سياسي ڌريون هڪ آواز ٿي معاشي حالتن کي حل ڪرڻ لاءِ تيار ٿين ته ملڪ جون معاشي حالتون بهتر ٿي سگهن ٿيون عوام مٿان مهانگائي جو بار گهٽ ٿي سگهي ٿو ملڪ به معاشي طور ڏيوالو ٿيڻ کان بچي ويندو پر ان سان اپوزيشن حڪمران ڌر کي نااهل ثابت نه ڪري سگهندي. اهو ئي سبب آھي سياسي ڌريون پنهنجي  سياست لاءِ رياست جي فائدي ۽ عوام جي مفادن کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿيل نه رڳو نظر اچي رهيون آھن پر سياسي مقصد لاءِ هر دائرو ڪراس ڪرڻ لاءِ به تيار آھن. عوام جي نالي ۽ اهنجن تي سياست ڪندڙ سياسي ڌرين جي اوليتن مان عوام گم آھي انهن جون اوليتون رڳو سياست ئي آھي.