هر سال جي بجيٽ بوڪ ۾ لٽڪيل “اڻ مڪمل ترقياتي رٿائون”!

0
114
سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ناقص ڪارڪردگي

    سنڌ حڪومت نئين مالي سال 2022_23 ع جي 33 ارب رپين جي خساري واري 17 کرب 14 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪئي  آهي، صوبي جي هر سال پيش ٿيندڙ کربين رپين جي بجيٽ ۾ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام ( پي ايس ڊي پي ) ۽ ضلعي ترقياتي پروگرامن توڙي عالمي مالياتي ادارن جي فنڊنگ سان هلندڙ ترقياتي منصوبن لاءِ به کربين رپيا مختص ڪيا ويندا آهن، جيڪڏهن سمورن ترقياتي منصوبن کي غور سان ڏسجي ته “هلندڙ” ترقياتي منصوبن جا انگ اکر بجيٽ بوڪ ۾ مڙوئي نروار نظر ايندا آهن، جنهن مان اهو محسوس ته آساني سان ٿي ويندو آهي ته ترقياتي منصوبن لاءِ رڳو رقم رکڻ ئي حڪومت جي دلچسپي هوندي آهي ۽ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ جي ذميواري خبر ناهي ڪنهن جي هجي ٿي. ڇو ته هر سال جي پيش ٿيندڙ بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ مختص ٿيل رقم 50 سيڪڙو به مَس خرچ ٿي سگھندي آهي، ان جو تازو مثال اهو ئي آهي ته هلندڙ مالي سال يعني 2021_22ع ۾ سنڌ حڪومت جيڪا 2 کرب 22 ارب 50 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا هئا، ان مان ناڻي کاتي جي اختيارين 168186.328 ملين يعني ترقياتي پروگرامن لاءِ مختص ٿيل رقم جي رڳو 75 سيڪڙو تائين رقم لاڳاپيل کاتن کي جاري ڪئي وئي هئي.

اهڙي طرح هلندڙ مالي سال ۾ ترقياتي پروگرامن لاءِ جاري ٿيل رقم جو رڳو 50 سيڪڙو تائين فنڊ ترقياتي پروگرامن تي استعمال ٿي سگھيو هو! سنڌ حڪومت جا 7 اهڙا به سرڪاري کاتا هئا جن ترقياتي پروگرامن لاءِ مختص ٿيل رقم جو هڪ “ٽڪو” به خرچ نه ڪيو، زراعت کاتو جيڪو صوبي جي زرعي معيشت لاءِ انتهائي اهم کاتو آهي، پر زراعت کاتي لاءِ هلندڙ مالي سال 43 ترقياتي اسڪيمون رکيون ويون هيون جنهن 5 هزار ملين رپيا مختص ڪرڻ بعد جاري 4 هزار 913 ملين رپيا ڪيا ويا، جن مان صرف 11 مهينن ۾ رڳو 2420 ملين خرچ ٿيا، اوقاف ۽ عشرزڪوات کاتي جي 54 اسڪيمن لاءِ 500 ملين جي ايلوڪيشن هئي پر 386 ملين جاري ۽رڳو 268 ملين خرچ ٿيا، ڄاڻايل خرچ رڳو 69 سيڪڙو ٿئي ٿو، بورڊ آف روينيو  جي 2593 ملين جي 3 اسڪيمن لاءِ 175 ملين ايلوڪيشن رکي وئي، جڏهن ته 150 ملين جاري ٿيا پر خرچ صرف 106 ملين ٿي سگھيا،ثقافت کاتي جي 62 اسڪيمن  لاءِ 2000 ملين ايلوڪيشن رکي وئي، جن مان 1702 ملين جاري ٿيا، 1185 ملين خرچ ڪيا ويا، جيڪو جاري ٿيل فنڊن جو 69 سيڪڙو بڻجي ٿو. ڪوآپريٽو کاتي جي 3  اسڪيمن لاءِ 11 ملين رپيا مختص ٿيل هئا، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ناڻي کاتي پاران هلندڙ سال جي 11 مهينن ۾ ڪوآپريٽو کاتي کي هڪ روپيو به جاري نه ڪيو، جنهن ڪري خرچ به نه ٿيو سگھيو، ۽ بجيٽ ۾ رکيل 3 ئي اسڪيمون جيئن جو تيئن واري پوزيشن ۾ پيل آهي!تعليم کاتي ۾ 26000 ملين رپين جون 508 اسڪيمون رکيون ويون هيون پر ناڻي کاتي پاران تعليم کاتي کي رڳو 14919 ملين رپيا جاري ڪيا ويا جيڪي مختص بجيٽ جو ذري گھٽ 50 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ بڻجن ٿا، پر ان باوجود به تعليم کاتي پاران 11 مهينن ۾ جاري ٿيل بجيٽ ترقياتي اسڪيمن تي مڪمل خرچ نه ڪئي وئي، رڳو 62 سيڪڙو تائين رقم خرچي وئي.توانائي کاتي ۾ 2500 ملين جون 7 اسڪيمون شامل هيون، پر ناڻي کاتي پاران 830 ملين جاري ڪيا ويا ان مان به توانائي کاتي پاران رڳو414 ملين خرچ ٿيا، ماحوليات کاتي جي 22 اسڪيمن لاءِ 1200 ملين رکيا ويا ۽ جاري رڳو 90 ملين ٿيا خرچ وري صرف 20 ملين رپيا ڪيا ويا، جيڪو جاري ٿيل رقم جو 20 سيڪڙو خرچ بيهي ٿو.

اهڙي طرح ايڪسائيز کاتي جي 10 اسڪيمن لاءِ 256 ملين جي ايلوڪيشن مان 149 ملين جاري ۽ صرف 96 ملين رپيا خرچ،ناڻي کاتي جي 9 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 500ملين جي ايلوڪيشن مان 308 ملين جاري ۽ 131 ملين خرچ،خوراڪ کاتي جي 3 اسڪيمن لاءِ 300 ملين جي ايڪوليشن مان 137 ملين جاري ۽ رڳو 24 ملين خرچ ٿي سگھيا. جهنگلي جيوت ۽ ٻيلي کاتي جي 9 اسڪيمن لاءِ 1500 ملين جي ايلوڪيشن رکي وئي، جنهن مان 11 مهينن تائين 1227 ملين جاري ٿيا ۽ خرچ 1061 ملين ڪيا ويا، جيڪو 86 سيڪڙو بڻجي ٿو، گورنر سيڪريٽريٽ جي جي 2 اسڪيمن لاءِ 60 ملين مختص ۽ 4 ملين جاري ڪيا ويا پر ان مان به هڪ ملين خرچ نه ٿي سگھيو، صحت کاتي  جي 171 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 18500 ملين رکي وئي، جنهن مان 11899 ملين جاري ڪيا ويا،  3594 خرچ ڪيا ويا، اهڙي طرح گھرو کاتي 70 سيڪڙو، صنعتن واري کاتي جاري ٿيل رقم مان رڳو 52 سيڪڙو، اطلاعات کاتي 66 سيڪڙو، انفارميشن ٽيڪنالوجي 73 سيڪڙو، سيڙپڪاري کاتي 43 سيڪڙو، آبپاشي کاتي 75 سيڪڙو، ليبر کاتي 555 سيڪڙو، قانون واري کاتي 89 سيڪڙو، مين ڪئنالن جي لائننگ (پڪو ڪرڻ) واري 17 اسڪيمن جو 93 سيڪڙو، لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ 50 سيڪڙو، مڪاني ادارن واري کاتي ۾ 67 سيڪڙو، ڪراچي جي 19 ميگا ترقياتي منصوبن لاءِ رڳو 41 سيڪڙو، معدني وسيلن واري کاتي پاران وري هڪ روپيو به خرچ نه ڪيو ويو.

اقليتي معاملن واري کاتي 25 سيڪڙو، نيوڊولپمينٽ انيشيٽوز جي هڪ اسڪيم هئي پر ان لاءِ هڪ روپيو جاري نه ڪيو ويو، جنهن ڪري منصوبو جيئن جو تيئن واري حالت ۾ برقرار آهي. ترقي ۽ رٿابندي واري کاتي ۾ 40 سيڪڙو، بهبودآباد کاتي 25 سيڪڙو۽ سنڌ اسيمبلي جي هڪ اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 300 ملين رکي وئي، جنهن مان 300 ملين جاري ڪيا ويا ۽ 297 ملين خرچ ڪيا ويا، جيڪو 99 سيڪڙو بڻجي ٿو.صوبائي محتسب 64 سيڪڙو،  سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي 35 اسڪيمن لاءِ ايلوڪيشن 3500 ملين رکي وئي هئي، جنهن مان 2003 ملين جاري ٿيا ۽ 1185 ملين خرچ ڪيا ويا جيڪو 59 سيڪڙو ٿئي ٿو، سوشل پروٽڪشن اينڊ پاورٽي ريڊڪشن 50 سيڪڙو، سوشل ويلفيئر کاتي 45 سيڪڙو، راندين واري کاتي 75 سيڪڙو، ٿرڪول انرجي بورڊ 65 سيڪڙو، ٽرانسپورٽ کاتي 28 سيڪڙو، عورتن جي ڀلائي واري کاتي 36 سيڪڙو، ورڪس اينڊ سروسز کاتي 79 سيڪڙو خرچ ڪيو. ناڻي کاتي جي رپورٽ موجب ته سنڌ جي ڄاڻايل 47 سرڪاري کاتن جي مجموعي طور تي 3315 اسڪيمن لاءِ ٽوٽل 2 ارب 22 ارب 50 ڪروڙ روپيا مختص ڪيا ويا هئا،  جنهن مان 3 جون 2022 تائين 47 کاتن کي 168186 ملين جاري ڪيا ويا ۽ 111486 ملين خرچ ڪيا ويا، جيڪو ڪُل 66 سيڪڙو ٿئي ٿو۽ ڄاڻايل منصوبن لاءِ هلندڙ سال جي ايلوڪيشن ۾ تحت 50 سسيڪڙو رقم پڻ مس خرچ ٿي سگھي آهي.

    هلندڙ سال ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ مختص ٿيل رقم ۽ خرچن واري اهڙي ڇرڪائيندڙ رپورٽ سامهون اچڻ باوجود نئين مالي سال 2022_23ع ۾ سنڌ حڪومت پاران صوبائي ترقياتي منصوبن تي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هڪ کرب 10 ارب رپين جي واڌ ڪئي وئي آهي، ترقياتي منصوبن جي مد ۾ رقم ۾ واڌ ڪرڻ واري عمل تي اعتراض به نه هجڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ڪيئي شهرن جي حالت رحم جوڳي ٿيندي پئي وڃي، پر ان ڳالهه تي جيڪڏهن “عوامي آبجيڪشن” به اچي ته اهو غلط نه هوندو، ڇو ته حڪومتي ذميواري ترقياتي منصوبن لاءِ رڳو بجيٽ تقرير ڪرڻ ۽ ناڻو مختص ڪرڻ جيتري ناهي، حڪومت جي ذميواري ان کان ڪجهه اڳتي اها به آهي ته خاص طور تي ترقياتي منصوبن لاءِ مختص ٿيل ناڻو صحيح معنيٰ ۾ خرچ به ڪيو وڃي، ۽ هر مالي سال جي بجيٽ بوڪ ۾ “هلندڙ رٿائون” (غيرمڪمل ٿيل منصوبن) جي ڊگھي قطار نظر ايندي آهي، جنهن لاءِ حڪومت کي ٻيو نه ئي کڻي پر بجيٽ تياري وقت ضرور سوچڻ گھرجي ته ترقياتي منصوبن کي آخر مڪمل ڪيئن ڪجي ؟ ڇو ته نئين مالي سال 2022_23ع ۾ جيڪا بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي ان ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ پي ايس ڊي پي ۽ عالمي مالياتي ادارن جي فنڊنگ وارن مننصوبن سميت 459 ارب رپين کان وڌيڪ رقم رکي وئي آهي، جنهن ۾ رڳو 30 ارب ضلعي ترقياتي اسڪيمن ۽ 332 ارب رپيا رڳو صوبائي ترقياتي اسڪيمن جي مد ۾ مختص ڪيا ويا آهن ۽ نئين مالي سال ۾ 2 هزار 506 هلندڙ منصوبا آهن جيڪي هن سال مڪمل ناهن ٿي سگھيا، ان لاءِ 273146.197 ملين رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته 89018.98 ملين رپين جون 1652 نيون رٿائون شروع ڪيون وينديون.