وقت جي لَڪن ۾ لڙي ويل اقتدار جو سج

0
110
عام چونڊن جو اهم مرحلو به تڪميل تي پهتو!

سنڌ اسيمبلي تحليل ٿي وئي ۽ سنڌ حڪومت ختم ٿي وئي آهي. اسيمبلي جي مدي پوري ٿيڻ کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ ان جي تحليل جو فيصلو واڳ ڌڻي ڪري چڪا هئا ۽ سنڌ جي وڏي وزير طرفان اهڙي ايڊوائس مرڪز جي پاران مقرر “وائسراءِ“ کي موڪلڻي هئي ۽ فيصلو تڙي کڙي ٿيڻو هو، جيڪو ٿي چڪو آهي. اسان سنڌ جي چونڊيل اسيمبلي کي الوداع چئون ٿا، جنهن مان عوام آخري وقت تائين تڪراري ڊجيٽل آدمشماريءَ خلاف ٺهراءَ پاس ٿيڻ جي اميد ڪندو رهيو. هاڻي وري نگران اچي تخت طائوس والاريندا ۽ انتظام جي ميدان ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريندا. سنڌ جي “ويندڙ” حڪمرانن کي پنجن سالن جي مدي پوري ٿيڻ تي ڪنڌ ورائي پوئتي هڪ نهار ضرور وجهڻي پوندي، هڪ مٿاڇري نظر، هڪ طائرانه نگاهه، ته اعلان ۽ عمل ۾ جيڪا وٿي رهي آهي، جيڪو فرق رهيو آهي، اهو ڏسي، پسي ۽ سمجهي سگهجي!

توڙي جو حڪمراني دلپشوري نه پر عوام جي خدمت جو نالو آهي پر اڀاڳ اهو آهي ته هن ملڪ ۾ حڪمرانن دلپشوريءَ کي ئي حڪمراني سمجهي ورتو آهي. وندر ۽ ورونهن، رعب ۽ دٻدٻو، جاهه ۽ جلال، پاڻ کي ظلِ سبحاني سمجهڻ وارو گهمنڊ. اهو ئي انداز، جيڪو انگريزن کان ورثي ۾ مليو، اهو ئي انگريزن جي ‘بليڪ ايڊيشن’ پڻ اختيار ڪيو. اهو انداز صرف ڪنهن هڪ صوبي ۾ نه آهي، صوبي کان مرڪز تائين اهو ئي سِڪو هلي ٿو، ان ڪري جو جنهن طبقي جي هٿ ۾ اقتدار جي واڳ رهندي آئي آهي، اهو بادشاهيءَ تي هريل آهي ۽ ان جا فيصلا به بادشاهن وارا هوندا آهن. هڪ پرڏيهي چوڻي آهي ته، “بادشاهه جو پهريون قانون پنهنجي حفاظت هوندو آهي”. عوام جي حيثيت ته ثانوي به نه هوندي آهي. سنڌ ۾ به سڄي مدي دوران حڪمرانيءَ جو اهو ئي ٽرينڊ رهيو. نگرانن کي مسئلن جو مُنجهيل سُٽ ورثي ۾ ملندو. نگران ايندا ته اليڪشن ڪرائڻ پر اليڪشن ڪڏهن ٿيندي، ان حوالي سان پڻ ابهام ۽ غير يقيني موجود آهي. ان ڪري نگرانن کي به ورثي ۾ مليل مسئلن، جهڙوڪ: اغوا انڊسٽري، قبيلائي دهشتگردي، بدامني، بد انتظاميءَ کي منهن ڏيڻو پوندو. نگرانن جي وقت ۾ جيئن ته سياسي مداخلت گهٽ هوندي، ان ڪري انهن کي مختلف شعبن ۾ بهتري آڻڻ جا موقعا ميسر هوندا ۽ بهتر انتظام مثال قائم ڪرڻ لاءِ وقت هوندو. سڀ کان اهم ذميواري امن امان جي آهي ۽ امن امان بهتر نه هوندو ته هتي بنا دٻاءُ جي چونڊ مهم ۽ شفاف اليڪشن جا امڪان گهٽ هوندا آهن، ڇو ته اسان جي سسٽم ۾ چونڊون به جنگ وانگر وڙهيون وينديون آهن. هتي جنگ ۽ اليڪشن ۾ به سڀ ڪجهه جائز سمجهيو ويندو آهي. دنيا ۾ ڀلي اليڪشن Contest (مقابلو) ڪرڻ  جو اصطلاح استعمال ٿيندو هجي پر هتي هن ڪشورِ حَسين ۾ اليڪشن وڙهڻ جو اصطلاح استعمال ٿيندو آهي. هتي اهو سڀ ڪجهه چوڻ جو مقصد اها ڳالهه واضح ڪرڻ آهي ته نگرانن لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج امن امان جو مسئلو هوندو، جيڪو کين انتظامي ورثي ۾ منتقل ٿيندو. ان کانسواءِ اغوا انڊسٽري به وڏو چئلينج رهندو، جنهن لاءِ به توانائيون صرف ڪرڻيون پونديون. هونئن ته سڄي ملڪ ۾ عجب ڪرپشن جون غضب ڪهاڻيون پڌريون ٿينديون رهيون آهن پر سنڌ ۾ ته خاص طور تي ڪرپشن کي ادارتي قبوليت حاصل رهي آهي، جيڪا پڻ انتظامي ورثي طور منتقل ٿيندي. ان تي نه صرف نگرانن کي پر ان کانپوءِ ايندڙ چونڊيل حڪومت کي به سوچڻو پوندو. هونئن ته سڄي ملڪ ۾ پر خاص طور تي سنڌ ۾ اليڪشن جو مفهوم ئي تبديل ٿي ويو آهي. هاڻي ته سڄي ڪوشش اليڪٽيبلز کي پاڻ وٽ آڻڻ جي هوندي آهي. اليڪٽيبلز ڪهڙي طبقي سان واسطو رکن ٿا ۽ اقتدار ۾ اچي اهي ڪهڙي طبقي جي مفادن لاءِ ڪم ڪندا، اهو سمجهڻ مشڪل نه آهي.

دنيا ۾ حڪمراني جا انداز بدلجي ويا آهن. دانا درٻار جا ٻانها بڻائي، انهن جي قلم جي نوڪ کي ڪنٽرول ته ڪري سگهبو، پر جيئن ته ميڊيا سماج جي آرسي آهي ۽ ميڊيا جي آرسيءَ ۾ سماج جي مڪروهه مهانڊي جو عڪس ڪيئن ميساري سگهبو؟ هي سوشل ميڊيا جو دور آهي، ڪنهن به چؤڪ کي التحرير اسڪوائر بڻجڻ کان روڪڻ مشڪل آهي، ان ڪري سمجهڻ جي اها ڳالهه آهي ته عوام کي پنهنجن مسئلن جو حل کپي، جيڪو بادشاهي سان نه پر جمهوري حڪمراني سان ممڪن آهي.