ميرپورخاص جو قيدي!

(حصو پهريون)

ايبس جي ورزش سان گڏ ڏينهن جي شروعات ٿئي ٿي، اها ورزش اسر ويل تاري کي تڪيندي تڪيندي مڪمل ڪيم، نيرن اڄ به انبڙين جي چٽڻيءَ سان ڪيان ٿو، جي جو ماحول صفا ديسي لڳو پيو آهي، ديسي قيدي، ديسي سپاهي، ايسيتائين جو ديسي ڀتيون ۽ ديسي ڇتيون، تمام پرسڪون ماحول آهي، اڄ جمعي جي ڏينهن جي ڪري وري اسان جي پسار بند آهي، پنهنجو راتوڪو لکيل هي بيت توهان سان شيئر ڪريان ٿون ته:

چنڊ ڏنا آسرا، پرين ٿيو پري،

هاڻي ٿو مري، قيدي قاتل ڪوٽ ۾.

جيل سپرنٽينڊنٽ ارشاد رند صاحب رائونڊ تي آيو، جنهن سلام دعا کان پوءِ پڇيو ته فوجي مائٽ اٿئي؟ مون کان پهريان مامي آزاد (مقبول ڇلگريءَ) ها ها ۾ ڪنڌ لوڏيو، مون چيو ته بلڪل عزيز آهيون، مون پنهنجي درخواست به ڏني جيل سپرنٽينڊنٽ صاحبن کي ته مون کي بند وارڊ ڇو رکيو ويو آهي؟ هُن درخواست تي ٿوري نظر ڦيرائي ، هڪ جيلر کي ڏيندي چيو ته هي آئون پنهنجي آفيس ۾ پڙهندس. ايس ايس پي صاحب جي وڃڻ کان پوءِ ڏاڏو ڪريم تمام گھڻو پريشان ٿي چوڻ لڳو ته منهنجي ته دانهن ڪونه ڏني اٿئي ڇلگري صاحب! مُرڪي چيومانس ته دنيا ۾ ٻيا غم به گھڻا آهن اسان کي ڏاڏا! سمورو ڏينهن زاهد گوپانگ سان ڪتابن، فلمن، شاعري ۽ سزائن تي تبصرا ٿيندا ئي رهيا، پنهنجو تازو لکيل غزل ڪامريڊ زاهد کي ٻڌايم ته هوشيءَ ۾ واهه واهه ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگھيو.

انگ پرين جو چمن ٿيون هوائون، کڻي ڏس تو مون ڏي مست نگائون.

رات جي سُرمائيءَ مان چنڊ ظاهر ٿيو آ، اچن ياد پيون بس تنهنجون جفائون.

زندان ۾ ٿڌڙي جڏهن هي هلي، محسوس ٿيون تنهنجو مور ادائون.

غيرن جي چڪر ۾ اچي او پرين! وساري ڇڏيئي سڀ منهنجو وفائون.

موٺائي سڀ تحفا ۽ تصويرون منهنجون، ٻڌئي ڪونه منهنجون بي ڪس آهون.

سال ساريندي گذريا ڪٿي ورئين آصف، هنيم يار توکي ڪيڏيون صدائون.

مون کي منهنجي ڪتابن ۽ لکڻين ۾ گم ڏسي هڪ سپاهيءَ سرائيڪيءَ ۾ چيو ته ”چڱاهٿ رکيئي!؟ ان جي طنز تي دير تائين زاهد ۽ آئون ڪچهري ڪندا رهياسين، هينرئ کوليءَ جي مٿان چنڊ ۽ تارن جو ميڙو مچي چڪو آهي، بجلي ناهي، ۽ ڪنهن کوليءَ مان تلاوت جو آواز اچي رهيو آهي.(26 مئي 2023)

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل ميرپورخاص

 

اسين ڪيڏانهن

پيا وڃون!

 

ھي دور نفسانفسي جو دور بڻجندو پيو وڃي، جتي ڪنھن به انسان جو ڪنھن سان ڪو تعلق يا لاڳاپو جڙيل ئي ناھي، ھر انسان ھڪ اھڙي جنگ ۾ جکڙيل آھي جتان ھو نه نڪرڻ جي ٿو ڪري نه ئي فتح حاصل ڪري ٿو سگھي. سڀ ھڪ ٻئي جي لاءَ اجنبي بڻجي چڪا آھن، ھن ڌرتيءَ تي نه ڪو رشتو رھيو آھي نه ئي ڪا دوستي. ھتي نه ڪو احساس رھيو آ نه ئي انسانيت، ھتي نه ڪو مقصد رھيو آھي نه ئي ڪا ڪوشش، نه سڌارو رھيو آھي نه ئي آواز. افسوس! ماڻھو صرف پنھنجي لاءِ جيئڻ ۽ ان کي گذارڻ ۾ مشغول ٿي چڪا آھن ۽ چپ چاپ رھي ڏسڻ وارا تماشائي بڻيل آهن، جنھن سبب ذھني اذيتن، ڊپريشن، فرسٽريشن ۽ احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿي چڪا آھن. اھو سئو سيڪڙو سچ آھي ته ملڪ جي حالتن کي ته جلديءَ سان تبديل نٿو ڪري سگهجي پر ھر ڪنڊ ۾ جيڪي به ننڍا ننڍا مسئلا، ناانصافيون يا وري حقن کان محروم ھجڻ يا وري بنيادي ضرورتن جي پورائي نه ٿيڻ لاءِ سڀ گڏجي سڏجي هڪ آواز اٿاري ۽ وڙھي پنھنجو حق ماڻي سگهجي ٿو پر ائين ھرگز نه آھي، اسان جو عوام ھر روز وڌندڙ مھنگائي، ناانصافين، محروميت جو عادي بڻجي ويو آھي، جيڪو گھرن ۾ دانھون ڪرڻ، فرسٽريشن جو ڪڍن، تشدد ڪرڻ وغيره جو سھارو وٺي خاموشيءَ اختيار ڪري ويٺو آھي ھڪ اھڙي ننڍ ۾ ستل آھي جنھن جي اٿڻ جي ڪا پرھ ڦٽيءَ ناھي ۽ خبر ناھي ته ڪيستائين اھا ننڍ ۽ غيرذميواري جاري رھندي جنھن سبب آخر ۾ اسان کي ڪجھ به نه وڻندو، وڌيڪ غفلت واري ننڍ کان اٿڻ ۾ دير نه ڪريو، اٿو! پنھنجي شعور کي جاڳايو، گھرن ۽ ننڍن مان اٿي ظلم خلاف آواز اٿاريو، ھي وقت اچي چڪو آهي جتي صرف پنھنجي گذران لاءِ نه پر ھر ان غريب طبقي لاءِ سوچيون جيڪو ھر ڏينھن وڌيڪ غريب ٿي رھيو آھي ۽ ٻن وقتن جي کاڌي لاءِ پريشان، مجبور ۽ لاچار بڻيل آهي، جنھن جو نه ڪو آواز آھي نه ئي اميد، جنھن جو نه ڪو آسرو آھي نه ئي سھارو. اچو! ھاڻي سڀ گڏجي پنھنجي چپ جو روزو ٽوڙيون ۽ گڏجي ظلم خلاف آواز اٿاري ايڪي ۽ ٻڌي جو ثبوت ڏيون، جنھن ۾ نه رڳو ھڪ انسان جو پر پوري سماج لاءِ بھتريءَ جو سھارو بڻجون.

 

تانيه شاھجھان/قمبر علي خان

 

قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان حرمت اهلبيت و صحابه جو بل منظور

 

اسان جي آخري نبي ڪريم حضرت محمد مصطفي ﷺ جي پاڪيزه گهر وارين امهات المومنين، اهلبيت پاڪ، صحابه ڪرام جي حرمت جي حوالي سان تازو 7 آگسٽ تي قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ جي اعليٰ ايوانن ۾ اڪثريت راءِ سان بل منظور ٿيا آهن جنهن کان هر ذي الشعور مومن ڪلمو گو مسلمان رب جي پياري حبيب ڪريم ﷺ سان تن، من ۽ ڌن کان وڌيڪ محبت ڪندڙ ڏاڍو خوش ٿيو آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن متبرڪ مبارڪ هستين جي عزت ناموس محفوظ هوندو ته پوءِ ڪو به سوئيڊن، ڊينمارڪ، فرانس يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ اسان جي پياري رسول ڪريم ﷺ، ان جي ال و صحابه توڙي سندن جي پاڪيزه گهر وارين امهات المومنين جنهن لاءِ قرآن پاڪ ۾ واضح آيل آهي ته هي مومنن جون امڙيون آهن. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اعليٰ ايوانن ۾ هي شاندار نوعيت جو حرمت پاڪ جو گذريل 6 مهينن کان پراسيس ۾ هلندڙ هو نيٺ قومي اسيمبلي جي نمائندن معزز ميمبرن ۽ سينٽرز جي ڪوششن ۽ ڪاوشن جي نتيجي ۾ 7 آگسٽ تي شاندار بي مثل ۽ بي مثال تاريخ ساز بل منظور ڪيو ويو. جنهن لاءِ عام ماڻهو جو اهو خيال آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ پي ڊي ايم پوري 16 مهينا اقتدار ۾ اهو ئي تاريخي نوعيت جو واحد بل منظور ڪرايو ويو آهي، جنهن سان پوري قوم کي خوشي ۽ مسرت ٿي آهي. هي قانون پاس ٿيڻ سان اسان جي ملڪ سميت دنيا جي ٻين يورپين ملڪن ۾ پڻ عظمت ڀرين هستين جو ادب احترام لازم سمجهو ويندو ۽ هنن لازوال هستين سرڪار مدينه ﷺ جي پاڪيزه گهراڻي امهات المومنين، اهلبيت پاڪ ۽ صحابه ڪرام جي تقدس جو احترام باقي رهندو. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اعليٰ ايوانن ۾ پاس ٿيندڙ بل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ جهڙي طرح هڪ يادگار ٺهراءُ ختم نبوت تحفظ رسالت ﷺ وارو قانون منظور ڪيو ويو هو ۽ انهي ڪوششن ۾ علامه شاهه احمد نوراني صديقي رحه جو عمل سڀني کان نمايان هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خدا پاڪ ان شاندار تاريخ ساز ڪوششن جي ڪري درجات بلند فرمائي. ملڪ پاڪستان جي سڀ کان وڏن عوامي ايوانن ۾ پاس ۽ منظور ٿيندڙ بل جي تمام گهڻي ۽ وڏي اهميت عاشقان رسول ﷺ جي خوشي جو سبب بڻجي وئي آهي.

 

عبدالفتاح عباسي/ لاڙڪاڻو

سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا!‎

آخر اسان ڪڏھن سجاڳ ٿينداسين؟ اسين آخر ڪڏھن غفلت جي ننڍ مان اٿنداسين؟ اسين آخر ڪيستائين پنھنجن جو رت وھائي پاڻ کي پاڻ ئي مڙس ماڻهو چوڻ لاءِ پاڻ ۾ وڙھي جانورن جيان مرندا رهنداسين؟ تازو ئي گذريل ڏينهن جي خبر ۾ ڏٺم ته مدئجي ۾ جوڻيجا ۽ ڪلھوڙا برادري جي قبيلائي جھيڙي ۾ 8 لاش ٽريڪٽر ٽالي ۾ سٿيل ڏٺم ته دل روئي پئي. روئيندي چيائين ته ھي توھان جي انسانيت آھي جيڪا پنھنجن کي ماري ۽ سندن وارثن کي به زنده ماري خوش ٿيندي آھي ڇا (اشرف المخلوقات) اسين آھيون؟ رڳو اھو جھيڙو نه پر الائي ڪيترائي جھيڙا زمين جي ٽڪري تي چانھ دير سان ملڻ تي، سموسن سان گڏ چٽڻي نه ملڻ تي، مال جي ڀيل تي، رستي تان لنگهڻ تي، وڏا وڏا جھيڙا ڪندا آھيون جيجل ماءُ ۽ ڀيڻ سان به وڙھندا آھيو پر وڙھندا صرف ھيڻن ۽ پنھنجن سان آھيو. منھنجي چوڻ جو مطلب آهي ته وڙھو پر بندوقن سان نه پيار ۽ محبت سان وڙھو، تعليم جي طاقت سان وڙھو، قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيھي وڙھو، رت نه وھايو، ڀائرن نه ماريو، ڀينرون نه ماريو. صبر کان ڪم وٺو انشاءُالله جيڪڏھن توھان حق تي ھوندئو ته فتح اوھان جي ٿيندي. ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ سوچيو ته ان فيصلي جو اثر ڪهڙو ٿيندو؟ اھو فيصلو توھان کي ڪٿي پهچائي ڇڏيندو! توهان جي مِٽن مائٽن کي ڪھڙي جنجھٽ ۾ آڻي ڇڏيندو؟ پنھنجي لاءِ نه سھي پر ٻين لاءِ ضرور سوچيو.

محمد بخش ٿھيم/ ڳوٺ پليو خان ٿھيم

اتحادي حڪومت جا الوداعي ڏينهن!

(حصو پھريون)

ملڪ ۾ اتحادي حڪومت يعني پي ڊي ايم سرڪار جو 16 مھينن تي مشتمل بقول سندن ته سونھري دور جو سج آخر ڪار اسلام آباد جي جبلن ۾ لھي چڪو. انهيءَ سان گڏوگڏ صوبائي اسيمبلين جن ۾ ڪي پي ۽ پنجاب ۾ ته اڳ نگران حڪومت ھلندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته اھي اسيمبليون اڳ ئي ٽٽي چڪيون ھيون، توڙي جو ڪي پي ۾ وري نگران سرڪار تي به سياسي وابسطگين جا الزام ٻڌڻ ۾ اچن پيا. بهرحال ملڪ جي قومي سميت صوبائي اسيمبلين جو مدو پڻ اچي پڄاڻي تي پھتو آهي. ھنن گذريل 16 مھينن جي اتحادي حڪومت جي ڪارگذاري کي اڄ شھباز شريف سميت ٻيا ائين پيا ڄاڻائين ڄڻ واقعي ڪو ملڪ کي انهن ڪنهن وڏي ڏچي کان بچائي ورتو آهي ۽ جي ھي حڪومت نه اچي سنڀالين ھا ته ملڪ ڪنگال ٿيڻ سميت کوڙ خطرن کي منهن ڏي ھا انهن ڳالهين ۾ صداقت ڪيتري آهي اھي ته ملڪي حالتون پاڻ ٻڌائين پيون. توڙي جو ھتي ھي رڳو چھرن جي چھل پھل ۽ تبديلي ته نظر اچي ٿي پر اصل تبديلي جيڪا عوام جي حالتون زندگي ۾ اچڻ کپي اھا ته شايد ئي ممڪن ئي ڪونهي. اتحادي حڪومت اقتدار سنڀاليندي ئي سڀ کان پھرين ته پنهنجا ڪم سڌا ڪيا ڪيسن وغيره مان ڪلين چٽ وٺي پوءِ وري ملڪ ۾ انهن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو جن ماضي ۾ اتحادي حڪومت جي ھر اڳواڻ کي ساڳي ريت مختلف ڪيسن گھيليو ھو ۽ اھو ته انتقامي ڪاروايون پاڻ کي ھر جماعت جي دور اقتدار ۾ نظر ٿيون اچن شايد اھو ئي سبب آهي ته ھتي محفوظ اھو آهي جيڪو اقتدار ۾ آهي، اقتدار ختم ٿيندي ئي ساڻس جيڪا ٿئي ٿي انهيءَ سان پنهنجي تاريخ ڀري پئي آهي. بهرحال! پي ڊي ايم جي حڪومت ۾ به اھي سڀ شيون نظر آيون جيڪي انهيءَ کان اڳ عمران خان جي دور ۾ پڻ ٿيون، ميڊيا نه پھرين آزاد ھو نه اڄ آهي قانون سازي پھرين به ائين 5 منٽ ۾ بل پاس ٿيندا ھئا پر شايد اتحادي حڪومت انهيءَ روش ڪجهه اظافو ڪيو جو بلن جون ڪاپيون ئي پارليامينٽ جي ميمبرن تائين نه پھتيون پر اڻ ڏٺي, اڻ ٻڌي بل پاس ٿي چڪا، باقي مھانگائي ڪرڻ ته شايد ھر حڪومت جي اولين ترجيح آهي. تنھن ڪري نئون ڪجهه به ناهي ڪھاڻي رڳو ڪردارن جي بدلاءَ سان جاري آهي. (جاري)

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

لوٽا ۽ انهن جو ڪلابازيون!

(حصو پهريون)

جڏھن به پاڪستان ۾ اليڪشن مهم شروع ڪئي ويندي آھي ته لوٽا لوٽا جو ٽرينڊ پهرين فهرست ۾ ھوندو آھي مان ۽ منهنجو ڀاءُ جڏھن گهر ۾ اھڙن لوٽن تي ڳالهائيندا هئاسين ته هڪ ڏينهن امڙ چيو ته اهو لوٽو ڇا آھن؟ توهان ڪنهن کي لوٽا چوندا آھيو سو امڙ سائنڻ کي لوٽي لفظ کان وٺي هن مهل تائين لٽا نسل در نسل اسان تائين پهتا سڀ ڪٿا ٻڌايم، سوچيم وري اليڪشن مهم ڪجھ ڏينهن ۾ شروع ٿي ويندي ۽ لوٽا وري اسان ڏي ڀيرو ڀڃيندا مان ڪجھ وقت کان صدين جي پڙاڏو  سنڌ بابت پڙھي رهيو هئس ته سنڌ جي تاريخ راءَ، برھمڻ، عرب، سومرا، سما، ارغون، ترخان، مغل، ڪلھوڙا، ٽالپر، انگريز ۽ ھاڻوڪي پاڪستان ۾ لٽا هئا انهن لوٽن جي ويساھ گهاتين عوام کي مذھبن ۽ ذاتي مفادن جي ڪري نسل در نسل غلام بڻائيندا آيا جيتوڻيڪ اڄ ڏينهن تائين عوام غلام آھي، بس طريقو ٿورو تبديل ٿي ويو ھڪ ننڍڙو عام سائنسي مثال ڏيان ٿو جيئن پاڻ وٽ شروع ۾ سمارٽ فون آيو ته هن ۾ پن، پيٽرن ذريعي فون کي  لاڪ ڪري ڇڏيندا هئاسين جيئن ڪو ٻيو ان ۾ دخل نه ڏي فقط اسان جي ئي استعمال ۾ اچي تيئن وري ٿوري اڃا جديد دور آيو ته فيس ۽ فنگر پرنٽ ذريعي لاڪ رکيو ويو پر ڏسو سڀني صورتن ۾ يعني سڀني لاڪز سسٽم جي پن، پيٽرن، فيس يا فنگر لاڪ کولڻ کان پوءِ ئي فون کي استعمال ڪري سگهون ٿا ۽ کولڻو فون کي ئي آھي بس وقت جي تقاضا سان سسٽم ۾ تبديلي ايندي وئي ڪڏھن پيٽرن پن جي صورت ۾ ته ڪڏھن فيس فنگر جي ذريعي اسان کي ناخدائن ان لاڪ ڪري استعمال ڪيو پئي پر اسان آھيون موبائيل جيان آھيون ته غلام ئي نه لطيف چوڻي ته: “ڳن وڍيندڙ ھٿ ۾” اسان ته وڍيندڙن جي ھٿ ۾ آھيون هئاسين ۽ رھنداسين، ڇو ته لوٽن اسان جي ذھينن کي مذھبن، فرقن ۽  ذاتن پات ۾ ورهائي ڇڏيو آھي ۽ اهي ان مان فائدو وٺي هر پنج سال تائين اسان کي غلامي جو ڳاٽ ڳچي ۾ وجهي ڪنهن اونداھ ۾ ڦٽي ڪري پاڻ سوجهرن کي سھاڳڻ بڻائي سهاڳ راتيون پيا ملهائن. (جاري).

حامد گبول/ڪراچي

مهانگائي، بيروزگاري عروج تي ڊالر کي پر لڳي ويا!

اتحادي حڪومت جو 16 مهينن جو دور ختم ٿيو نگران حڪومت جو چوٻول به گهڻن ڏينهن کان هلي رهيو آهي جڏهن ته مختلف نالن تي پڻ نگران وزيراعظم لاءِ غور فڪر جاري آهي، ڪجهه باخبر ذريعن جي ته ڏيڊ ٻه مهينا لڳندا نواز شريف تي ڪيس ختم ٿئي ويندا ۽ هو واپس پاڪستان اچي ويندو عمران خان کي عدالتن کان سزا ٻڌائي وئي ۽ هو وڃي اٽڪ جيل پهتو جيڪا ڳالهه بلڪل ماضي جيان ايئن رهي ته ذوالفقار ڀٽو ۽ نواز شريف ملڪ اندر اهي وزيراعظم رهي چڪا جيڪي به وزيراعظم واري ڪرسي کان بعد جيل پهتا هاڻي عمران خان به بلڪل ساڳي طرف جيل ويو 97ع ۾ جڏهن نواز شريف اقدار ۾ آيو ۽ 99ع ۾ مشرف ان جي حڪومت کي برطرف ڪيو ته ان کي به اٽڪ جيل موڪليو ويو، نوازشريف اٽڪ جيل بعد سعودي عرب هليو ويو، هاڻي ­ڏسڻو اهو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين به جيل ۾ رهي ٿو يا هو به ملڪ کان ٻاهر لنڊن هليو ويندو. پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت توشه خانه ڪيس ۾ ٿي به وڃي ته هو ڪيترو جيل کان ٻاهر رهندو نٿو چئي سگهجي ڇاڪاڻ مٿس ٻيائي گهڻا ڪيس آهن ته اليڪشن 90 ڏينهن ۾ ٿيڻ گهرجي پر ڪجهه ائين به لڳي رهيو آهي ته 2023 ۾ اليڪشن ٿيندي نظر نه پيا اچن ڇاڪاڻ ته مردم شماري جو شو شو پڻ پنهنجي جاءِ تي ڇڏيل آهي بهرحال هن وقت ڳالهه اها آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري عروج تي آهي ڊالر 182 رپيا کان وڌي 289 رپيا تائين پهتو هن وقت تائين ملڪ ۾ ڪيترائي حڪمران آيا ۽ ڪيتريون ئي پارٽيون اقتدار ۾ آيون پر عام ۽ غريب ماڻهن جي حالت شروع کان ئي نه بدلي سگهي

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

21 صدي ۾ ڪاڇي کي بنيادي سهولت نه ملي سگھيون!‎

اسان جو ڪاڇو جتي رفيق احمد جمالي صاحب روڊن جو ڄار وڇائي ڪاڇي کي ڪنيڪٽ ڪري ڇڏيو، ڏسڻ نه وساريندا 21 صدي جو ڪاڇو جتي عوام خوبصورت زندگي گذاري پيو، مهربانيون رفيق احمد جمالي صاحب ايم اين اي دادو جوهي رفيق احمد جمالي. هي آهي ڪاڇو جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، ڪاڇي مان تيل گئس نڪري رهيو آهي جيڪو ملڪ جي مختلف صوبن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي پر هتان ڪاڇي واسي مڙني بنيادي سهولتن کان محروم آهن، تڪ جا چونڊيل نمائندا غائب آهن وري جڏهن ملڪ ۾ اليڪشن ٿيندي آهي ته پوءِ هو ڪاڇي جو رخ ڪندا آهن. هن وقت ڪاڇي واسي سورن واري زندگي گذاري رهيا آهن، واهي پانڌي جوهي روڊ تي هنڌ هنڌ کان کنڊ لڳل آهن، ڪاڇي جو عوام پريشان آهي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو