شڪارپور (رپورٽر) اسان جو ملڪ زرعي ۽ زراعت سان لاڳاپيل انڊسٽريز معيشت جو مک محور آهي،  حڪمران ان انڊسٽريز کي تباهه ڪري رهيا آهن، زرعي معيشت کي بچائڻ سان ملڪ ترقي ڪندو. اهڙو اظهار سنڌ آبادگار بورڊ جي مرڪزي اڳواڻ محمد نواز شاهه، ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، ارصلاح سيلرو، محمد طاها ميمڻ، عمران بوزدار، عرفان جتوئي ۽ ٻين طرفان مرحوم حاجي اميربخش پهوڙ جيڪو سنڌ آبادگار بورڊ شڪارپور ضلعي جو صدر هو جي وفات تي تعزيت بعد شڪارپور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هنن چيو ته وفاق ۽ سنڌ صوبي وٽ زراعت لاءِ ڪا رٿا بندي نه آهي جيتوڻيڪ ملڪ کي زراعت ئي معاشي تباهي کان بچائي سگهي ٿي، سنڌ اندر برسات جو پاڻي اڃان تائين ڪيترن ئي علائقن ۾ بيٺل آهي، لاڙ واري علائقن ۾ ڪڻڪ ۾ لاب پوڻ کان مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿي وئي آهي پر فوڊ کاتو خريداري نه ٿو ڪري اسان وٽ بدقسمتي اها آهي جو جڏهن جنس هاري آبادگار وٽ هوندي آهي ته انهيءَ جا اگهه گهٽ هوندا آهن جڏهن مارڪيٽ ۾ واپارين وٽ وڃي ٿي ته اگهه وڌي وڃن ٿا جنهن سبب آبادگار ڀوڳي ٿو، ڪافي سالن کان ڀاڻ جا هٿرادو اگهه وڌائي وڪرو ٿئي ٿو پر ان تي ڪو به ڪنٽرول نه آهي، ٻج ٺاهڻ جي انڊسٽريز اسان وٽ منجمند ٿيل آهي، نوان متعارف ٿيل ٻج آبادگار وٽ نه هجڻ سبب سٺا فصل نه ٿا ٿين، نقلي دوائون عام جام وڪرو ٿي رهيون آهن، هنن چيو ته هاري ۽ زميندار آبادگار ملڪ کي پالي ٿو پر زراعت کي حڪومت بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي سنڌ اندر سم يا ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪال واسطي اربين روپيا نالن تي خرچ ٿيا آهن پر نامڪمل يا پئسا خرد برد ٿي وڃڻ جي ڪري اهي اڃان تائين جڙي نه سگهيا آهن جيڪڏهن سم نالا مڪمل سمنڊ تائين جڙيل هجن ها ته برسات سبب تباهي نه اچي ها، هنن گهر ڪئي ته سم نالا ضرورت آهر علائقن ۾ ٺاهي مڪمل ڪيا وڃن ته جئين برسات يا ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ٿي سگهي، نقلي دوائن تي ڪنٽرول ڪري ڀاڻ جا اگهه گهٽايا وڃن جن جن علائقن ۾ ڪڻڪ لٿي آهي سرڪاري اگهه تي خريد ڪئي وڃي