وفاقي ڪابينا مني بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

0
203
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا مني بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ مني بجيٽ تي ڪابينا جو خاص اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وزير شوڪت ترين ڪابينا کي فنانس بل تي بريفنگ ڏني

وفاقي ڪابينا سفارشن سان مني بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن جي سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري به تصديق ڪئي

فواد چوڌري چيو ته وفاقي ڪابينا فنانس بل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جيڪا هاڻي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي

واضح رهي ته مخالف ڌر مني بجيٽ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي موقعي تي حڪومت جو مقابلو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

ھي به پڙھندا

غريبن جو روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو خواب ڪڏھن پورو ناھي ٿيو: شوڪت ترين