اينٽي ڪرپشن کي قانون جي خبر ئي ناهي، غير قانوني طور گرفتار ڪيو ويو: آصف ميمڻ

0
294
اينٽي ڪرپشن کي قانون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اينٽي ڪرپشن هٿان گرفتار ٿيل ڊي جي ڪي ڊي اي آصف ميمڻ پاڻ کي هٿڪڙيون لڳرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اينٽي ڪرپشن ٽيم عدالت ۾ پيشي کان اڳ هٿڪڙيون لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڊي جي ڪي ڊي اي عملدارن کي روڪي ڇڏيو

آصف ميمڻ چيو ته کيس غيرقانوني طريقي سان گرفتار ڪيو ويو آهي، 20هين گريڊ جي آفيسر جي گرفتاري کان اڳ وڏي وزير کان اجازت وٺڻ لازمي هوندو آهي

هن چيو آهي ته اينٽي ڪرپشن ٽيم کي قانون جي خبر ئي ناهي، مون ڪو غلط ڪم ڪيو آهي ته چيف سيڪريٽري محڪماڻي ڪارروائي ڪري ها

اينٽي ڪرپشن ٽيم پاران ڊي جي ڪي ڊي اي آصف ميمڻ مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي ڪيس جي ٻڌڻي جاري آهي