ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جو ڪمشنر رهندڙ آءِ ٽي واري وفاقي سيڪريٽري سهيل راجپوت جي امڙ جي گهر ۾ هڪ ڪروڙ جو ڌاڙو، ان ڏس ۾ نويد راجپوت سمن آباد ٿاڻي تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته فيڊرل بي ايريا جي علائقي ۾ سهيل راجپوت جي امڙ جي گهر ۾ 6 جوابدار داخل ٿيا، اسپيشل برانچ سان تعلق ظاهر ڪندڙ هٿياربندن گهر و ملازم تي پستول سڌو ڪيو. ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ته واردات وقت گهر ۾ رڳو سهيل راجپوت جي امڙ ۽ ڀاڄائي موجود هيون، جوابدار هٿيارن جي زور تي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي 70 لکن جا پرائز بانڊ، 3 لک 70 هزار روڪ، 10 سوناڪڙا، 11 سونا سيٽ، 30 چوڙيون، هڪ منڊي، 5 هزار آمريڪن ڊالر ۽ 1000 ڪينيڊين ڊالر ڦر ڪري فرار ٿي ويا.