ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار پرڳڻي ۾ قائم ٿيندڙ 14مان 6 نئين احتساب عدالتن لاءِ 6 ججن جا نالا قانون واري وزارت کي موڪلي ڇڏيا، مسز شميم سدوزئي کي احتساب عدالت نمبر 5، مسز تسنيم سلطانه کي ڪورٽ نمبر 6، شاهد پرويز ميمڻ کي ڪورٽ نمبر 7، عبدالغفور ڪلهوڙو کي ڪورٽ نمبر 2 سکر، نصير الدين شاهه کي ڪورٽ نمبر 3 سکر ۽ محبوب علي دايو کي ڪورٽ نمبر 3 حيدرآباد جو جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار موجب ججن جي نالن جي سفارش بعد ۾ ڪئي ويندي.