ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو چيو آهي ته سنڌ جو وڏو وزير تبديل  نه پيو ٿئي، سيد مراد علي شاھ بهتر ڪم ڪري رهيو آهي. برساتن جي هاڻوڪي  صورتحال دوران اهڙين افواهن تي ڌيان نه ڏنو وڃي ڊبليو ايچ او پاران برسات متاثرن لاءِ سنڌ حڪومت کي ڏنل امدادي سامان واري تقريب کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاق پاران سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ اعلانيل 15 ارب  رپيا اڃا نه مليا آهن، پئسا ملڻ بعد بحالي جو  ڪم تيز ٿي ويندو، اسان مليريا جي دوائن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهيون، هن صوبي جي سمورين خانگي اسپتالن ۽ ليبارٽرين کي سختي سان هدايت ڪندي چيو ته روزانو جي بنياد تي ڊينگي جي پازيٽو ڪيسن  جو انگ صحت کاتي سان شيئر ڪيو وڃي، هدايتن تي عمل نه ڪندڙ اسپتالن ۽ ليبارٽرين کي بند ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ماڻهو مليريا وگهي مري رهيا آهن، ماڻهن کي مڇردانيون ڏيون ٿا ته اهي جانورن لاءِ استعمال ڪن ٿا، هن چيو ته سنڌ جون 12 سئو اسپتالون تباهه يا پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهن، عالمي ادارن پاران اماڻيل ٻيڙين ۽ گاڏين ۾ ڊاڪٽرز جون ٽيمون متاثرن تائين پهچي رهيون آهن،