اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ملاقات، پي ٽي آءِ جو وقت کان اڳ عام چونڊون ڪرائڻ وارو مطالبو رد ڪندي ان حوالي سان ڪو به دٻاءُ قبول نه ڪرڻ، پي ٽي آءِ جي سياسي حڪمت عملي جو هر سطح تي مقابلو ڪرڻ تي اتفاق، پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين جو جلد اجلاس طلب ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، تفصيل موجب ڪالهه پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم هائوس پهتو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف سندس آجيان ڪئي جنهن کان پوءِ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ وزيراعظم شهباز شريف ۾ ملاقات ٿي، ذريعن مطابق ملاقات ۾ پي ٽي آءِ جي وقت کان اڳ چونڊون  ڪرائڻ بابت ڪنهن به قسم جو دٻاءُ قبول نه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ملاقات ۾ پي ٽي  آءِ جي سياسي حڪمت عملي جو هر سطح تي مقابلو ڪرڻ، عمران خان جي ڪنهن به ڌمڪي جو اثر نه وٺڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، ذريعن مطابق وزيراعظم جو چوڻ هو ته قومي حڪومت معاشي مامرن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، قوم کي رليف ڏيڻ تي به ڪم ٿي رهيو آهي، قوم کي جلد رليف ڏينداسين، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته ٻن صوبن جون اسيمبليون ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪندڙ پهريان پنهنجي اندروني اختلافن کي سنڀالين، ٻنهي اڳواڻن پنجاب صوبي جي سياسي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين جو جلد اجلاس طلب ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو آهي.