برطانوي بادشاهه تي ٻيهر آنا اڇلائڻ جي ڪوشش

0
431

لنڊن: برطانيا جي بادشاهه چارلس تي بيضن سان حملي جي ڪوشش ڪئي وئي پر کيس هڪ به آنو نه لڳو

برطانوي ميڊيا موجب بادشاهه چارلس تي هڪ مهيني اندر آنا اڇلائڻ جو هي ٻيو واقعو آهي، آنا اڇلائڻ جي ڪوشش تڏهن ڪئي وئي جڏهن بادشاهه چارلس لوٽن جو دورو ڪري رهيو هو

واقعي کان پوءِ سيڪيورٽي اهلڪار ڪنگ چارلس کي ڪجهه دير لاءِ کڻي ويا پر بعد ۾ بادشاهه چارلس واپس آيو ۽ ماڻهن سان ملڻ لاءِ ٻيهر روانو ٿي ويو

پوليس آنا اڇلائڻ جي شڪ ۾ نوجوان کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، نومبر ۾ اتر انگلينڊ جي دوري دوران بادشاهه کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي

ھي به پڙھندا

سعودي ولي عهد خلاف خاشقجي قتل ڪيس خارج