اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال خاص طور تي سنڌ صوبي ۾ ٻوڏ جي تباهي بعد پيدا ٿيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جاري ڪيل بيان مطابق ملاقات ۾ عوامي فلاح ۽ بهبود توڙي ترقي لاءِ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ذريعن مطابق ملاقات دوران سنڌ جي وڏي وزير ۽ وزيراعظم وچ ۾ اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي ملندڙن وسيلن جي فراهمي ۽ سنڌ صوبي جي ٻين مامرن تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.