اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف برساتن جي صورتحال تي وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪندي عوام کي احتياطي اپائن تي عمل ڪرڻ جي به اپيل ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف اين ڊي ايم اي، صوبائي ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽيز کي صورتحال جي سخت نگراني جي هدايت جاري ڪندي چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ پهرين ترجيح آهي، برساتن جي صورتحال ۾ شهري خدمت وارا سمورا ادارا الرٽ رهن. وزيراعظم چيو آهي ته جتي جنهن به شيءِ جي ضرورت هجي عوام جي تحفظ ۽ مدد لاءِ فراهم ڪئي وڃي، جتي ضرورت آهي اتي عوام کي فوري محفوظ علائقن ۾ منتقل ڪيو وڃي.