جوهي( ن پ ا) ايم پي اي جوهي سيد صالح شاھ جيلاني، وزير اعليٰ سنڌ جي خاص مددگار ڊاڪٽر بنده علي لغاري جوھي تعلقي جي ڪاڇي جي يوسي پٽ گل محمد ۾ چيئرمين سيٽ تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي ورڪ جي حوالي سان ڳوٺ هيرو خان پهتا، جتي عوامي رد عمل ۽ سخت پڇاڻو ڪرڻ تي جيالن ڪاڇي جي مقامي صحافين کي وڊيو ريڪارڊنگ ڪرڻ کان روڪي ورتو آھي مقامي صحافين جو چوڻ آھي ته صحافين کي ريڪارڊنگ ڪرڻ کان روڪي زبردستي ڪيمرا بند ڪرايون ويون، ياد رهي ته پٽ گل محمد يوسي تي چيئرمين جي پوسٽ تي مڪاني چونڊون ٿي رهيون آھن اليڪشن ورڪ لاءِ ايم پي اي سيد صالح شاھ جيلاني ۽ ڊاڪٽر بنده علي لغاري ڪاڇي ڳوٺ هيرو خان پهتا جتي عوامي سخت پڇاڻي ۽ رد عمل تي صحافين کي ريڪارڊنگ ڪرڻ تي روڪيو ويو آھي.