ٺل (ن پ ا) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ٺل پوليس جاڳي پئي، ڪارنهن جي غيرقانوني جرڳي جو ڪيس داخل، جوابدار گرفتار نه ٿيا، ان ڏس ۾  ٺل ويجهو سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ گهنور بنگلاڻي ۾  2 ڏينهن اڳ بنگلاڻي ۽ جعفري برادري جي ٻن ڌرين پپو بنگلاڻي ۽ پهرالدين جعفري وچ ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار جي غير قانوني طور جرڳو ڪوٺائي صديق پٽ چانڊيو بنگلاڻي مٿان 12 لک ڏنڊ جي فتوي ٻڌائي وئي هئي اهڙي غيرقانوني جرڳن خلاف هاء ڪورٽ جي سختي سان پابندي لڳائڻ تي پوليس جاڳي پئي  ۽ ٺل جي سي سيڪشن پوليس جرڳو ڪندڙ سرپنچ سميت 12 ڄڻن خلاف غيرقانوني جرڳي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، اي ايس آءِ عيشي لاشاري جي فرياد تي سرپنچ شاهجهان بنگلاڻي,پهرالدين,شاه بيگ,شهزادو,عبدالڪريم سکواڻ,ساجن, پيو کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.