لاهور(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزه شهباز شريف ايف آءِ اي جي 16 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس مان آزاد ٿي ويا آهن. لاهور جي اسپيشل سينٽرل ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

لاهور جي اسپيشل سينٽرل ڪورٽ جي جج اعجاز اعوان جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪالهه ٿي، هڪ ڏينهن اڳ عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وڪيلن کي اربع تي دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي

ڪالهه ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته وزيراعظم شهباز شريف پيش نه ٿيو سندس وڪيل هڪ ڏينهن لاءِ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست جمع ڪرائي ۽ چيو ته سرڪاري مصروفيتن جي ڪري هو عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿي سگهي ان ڪري سندس هڪ ڏينهن جي حاضري کان معافي جي درخواست منظور ڪئي وڃي. حمزه شهباز به پيش نه ٿيو

وڪيل امجد پرويز دليل ڏنا ته عدالت ۾ دليل لکت ۾ به جمع ڪرايا آهن ايف آءِ اي جي ڪنهن به شاهد شهباز شريف يا حمزه شهباز شريف جو نالو نه کنيو آهي، جاچ آفيسر شاهدن جا بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي

هي ڪيس بدنيتي تي ٺاهيو ويو، شهباز ۽ حمزه جي اڪائونٽن ۾ ڪا به رقم نه آئي آهي، پراسيڪوشن کي پنهنجو ڪيس ثابت ڪرڻو آهي، رشوت جي الزام ۾ به ڪو ثبوت پيش نه ڪيو ويو آهي، پنهنجي ڪيريئر ۾ اهڙو ڪيس نه ڏٺو آهي جنهن ۾ پراسيڪوشن بنا ثبوت جي هلي رهي هجي

ايف آءِ اي جي وڪيل فاروق باجوه چيو ته جوابدار مسرور انور شهباز شريف جو اڪائونٽ هلائيندو هو. امجد پرويز چيو ته مسرور ڪڏهن به شهباز شريف جو اڪائونٽ نه هلايو آهي. فاروق باجوه چيو ته سمورا بي نامي اڪائونٽ رمضان شگرملز جا ملازم هلائيندا هئا، امجد چيو ته ڪيس جو سمورو رڪارڊ گذريل حڪومت ۾ جوڙيو ويو

ايف آءِ اي جي وڪيل چيو ته گلزار احمد جي وفات کانپوءِ به ان جو اڪائونٽ هلندو رهيو، مسرور انور شهباز شريف ۽ گلزار احمد جي اڪائونٽ مان ٽرانزيڪشنز ڪيون، عدالت پڇيو ته توهان وٽ ڪو ان ڳالهه جو ثبوت يا رڪارڊ آهي؟ فاروق چيو ته رڪارڊ ۾ ان ڳالهه جو ڪو به ثبوت نه آهي. اهو به ڪو ثبوت نه آهي ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز سڌي ريت اڪائونٽ ۾ پئسا جمع ڪرايا يا ڪڍرايا هجن. دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو شام جو 6 وڳي ٻڌايو ويو

عدالت مختصر فيصلي ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جون بريت واريون درخواستون منظور ڪندي کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو. عدالت چيو ته پراسيڪوشن ڏوهه ثابت ڪري نه سگهي آهي، جوابدارن جون ڪيس مان آزاد ڪرڻ جون درخواستون منظور ڪجن ٿيون. تفصيلي فيصلو بعد ۾ ٻڌايو ويندو

ھي به پڙھندا

عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ وارو ڪيس: عمران خان جي ضمانت منظور

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ختم ٿيڻ تائين امن قائم نٿو ٿي سگهي: وزيراعظم