اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر رطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچين ٽرنر ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ نواز ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي، مريم اورنگزيب ۽ ٻيا به موجود هئا، شهباز شريف ڪورونا وبا دوران برطانيا پاران پاڪستان جي ڪيل مدد جي ساراهه ڪندي ڪورونا وبا سبب برطانيا ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي برطانوي هاءِ ڪمشنر سان افسوس جو اظهار ڪيو، شهباز شريف جو چوڻ هو ته ڪورونا وبا سڄي دنيا کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ورتو آهي، ان مصيبت مان ڇوٽڪاري لاءِ گڏيل تعاون ۽ ڪوششن جي ضرورت آهي، هي انسايت جي بقا جو سوال آهي، ان موقعي تي علائقائي اهميت جي مامرن خاص طور تي افغانستان مان غير ملڪي فوجن جي واپسي جي ڪوششن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هوڏانهن شهباز شريف ڪالهه نواز ليگ جي مرحوم اڳواڻ مشاهد الله خان جي گهر پهچي سندس پٽ سينيٽر افنان الله خان ۽ مشاهد الله جي گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي، هن جو چوڻ هو ته مشاهد الله خان سان هڪ ڀاءُ جو رشتو هو، ان جي وفات تي گهرو ڏک ٿيو، سندس وڇوڙي سان پارٽي سان گڏ قومي نقصان به ٿيو آهي، مشاهد الله خان جون ملڪ، قوم، آئين ۽ جمهوريت توڙي عوام ۽ پارٽي لاءِ خدمتون ياد رکيون وينديون. شهباز شريف راجا اشفاق سرور جي وفات تي سندس گهرڀاتين سان پڻ تعزيت ڪئي ۽ چيو ته راجا اشفاق سرور پارٽي جو قيمتي اثاثو هو، جاري ڪيل هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو آهي ته مشڪل حالتن ۾ مشڪل چيلينجن کي منهن ڏيندڙ اسان جي پرڏيهه ۾ مقرر سفيرن خلاف وزيراعظم جي عوامي سطح تي بي احتياطي تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه بابت ٻڌي افسوس ۽ صدمو ٿيو آهي، وزيراعظم کي سفيرن جي بهادراڻي ڪوششن ۾ انهن جي مدد ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي ها، پر عوام ۾ انهن جي تضحيق ڪئي وئي، سفيرن خلاف وزيراعظم جي زهريلي گفتگو بنا جواز ۽ غير ضروري هئي، ان سان قومي مفادن جو بهادري سان دفاع ڪندڙن جي حوصلا شڪني ٿيندي.