ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمران خان کان مطالبو ڪيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي ڪرڻ تي عوام کان معافي وٺي، وزيراعظم غلطين جو اعتراف ڪري وري ساڳيو عمل ورجائيندو آهي، هي ڪو ڪلاس روم ناهي جو ايئن ئي غلطي ڪندو ۽ اعتراف ڪندو رهي ، عمران خان ٻين کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي پاڻ بچي نٿو سگهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي تي هاڻي نظرثاني ڪرڻ بدران اسان جي ان وقت ڳالهه مڃي وڃي ها ته ملڪي معيشيت اڄ تباهه نه ٿئي ها، هن چيو ته آءِ ايم ايف جي هدايتن تي عوام کان 1200 ارب رپيا اوڳاڙڻ وارن حڪومتي هٿڪنڊن کي ناڪام بڻائينداسين، هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خوشاب جي ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي تي شهباز شريف کي واڌايون ڏيندي چيوته ضمني چونڊن ۾ اپوزيشن جي لڳاتار ڪاميابين مان ثابت ٿيو ته عوام پي ٽي آءِ کي رد ڪري ڇڏيو آهي،