وارھ (ن پ ا) وارھ تعلقي جو مشھور زميندار ۽ يوسي نورآباد جو اڳوڻو چيئرمين علي حسن بروهي  گهاڙ ڊرين کي لڳل گهارو بند ڪرائڻ دوران پير ترڪڻ سبب پاڻي ۾ ڪري پيو، جنهن کي اتي موجود ماڻھن بيهوشي واري  حالت ۾ ڪڍي اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،  علي حسن بروهي ذاتي خرچ تي گهارا بند ڪرايا، هوڏانهن مرحوم جو تڏو وارھ شھر جي نصير آباد روڊ تي بروهي هائوس تي وڇايو ويو.