نوشهرو فيروز (رپورٽر) ابڙان ۾ ٻن ڄڻن زاهد ميمڻ ۽ راحب ميمڻ جي قتل ۽ ٽن ڄڻن جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جو دهشتگردي ايڪٽ تحت 10 سڃاتل ۽ 5 اڻ سڃاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ پوليس 2 جوابدارن فدا حسين شاهه ۽ گدا حسين شاهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي، هوڏانهن ٻنهي مقتولن جا مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا، وارثن جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار بااثر آهن جن کي پوليس گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته مک جوابدارن لطف شاهه، مجاھد شاهه، ذوالفقار شاهه، مظفر شاهه، لعل محمد شاهه، فدا شاهه، گدا حسين شاهه، منور علي مشوري، نديم خاصخيلي کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي،