ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪارا حبا بخاري هڪ ڊرامي مان ڪڍڻ تي خوش ٿيڻ جوانڪشاف ڪيو آهي.سوشل ميڊيا تي اداڪارا حبا بخاري جو هڪ بيان وائرل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ هن ڊرامي مان ڪڍڻ جي حوالي سان ڳالهايو آهي.شو دوران ميزبان اداڪارا کان سوال ڪيو ته ڇا ڪڏهن ائين ٿيو آهي ته اوهان کي ڪنهن پراجيڪٽ کي سائڻ ڪرڻ کان پوءِ ان جي شوٽنگ شروع ٿيڻ تي افسوس ٿيو ته پراجيڪٽ سائن ڇو ڪيو؟سوال جي جواب ۾ حبا بخاري چيو ته بلڪل ائين ٿي چڪو آهي، ائين هڪ ڀيرو ٿيو ته آئون پراجيڪٽ سائن ڪرڻ کان پوءِ پڇتائي رهي هيس پر پوءِ مون کي ڊرامي مان ڪڍيو ويو جنهن تي آئون گھڻي خوش ٿيس پر اداڪارا ڊرامي جو نالو نه ٻڌايو.