روم(دلچسپ نيوز) اٽلي جي هڪ اداري ”آءِ ڪب“ (iCub) جي نالي سان هڪ رپورٽ تيار ڪري ورتو آهي جيڪو مشهور سپر هيرو آئرن مين جيان اڏامي سگھي ٿو ۽ امدادي ڪارروائين ۾ به ڪم اچي سگھي ٿو.اها ايجاد جنيوا ۾ موجود ”آءِ آءِ ٽي“ (اٽالين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي“ جي انجينيئرن 15 سالن محنت کان پوءِ ڪئي آهي، پر في الحال اهو پروٽوٽائيپ مرحلي تي آهي.رڳو 3.4 فٽن واري ان هلڪي آءِ ڪب روبوٽ جي ٻنهي ٻانهن ۾ ننڍا ننڍا جيٽ انجڻ لڳل آهن جيڪي ضرورت پوڻ تي ان کي گھربل هنڌ جي رخ ڏانهن تيزي سان اڏامڻ جوڳو بڻائين ٿا.خاص ايلگورٿم ذريعي ”آءِ ڪب“ کي ان جوڳو بڻايو ويو آهي