همراهه 45 سالن ۾ 20 هزار رانديڪا گڏ ڪري ورتا

0
230

منيلا (دلچسپ نيوز) همراهه 45 سالن ۾ 20 هزار رانديڪا گڏ ڪري ورتا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب فلپائن ۾ هڪ 50 ورهين جي نوجوان پرسيول لوگ رانديڪا جمع ڪرڻ جو عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو آهي. ان حوالي سان سندس چوڻ هو ته 5 ورهين جي ڄمار ۾ ريسٽورينٽ مان تحفي ۾ رانديڪو مليو ته تمام گهڻي خوشي ٿي جنهن بعد اهو شوق بڻجي ويو. هن چيو ته ريسٽورينٽس مان تحفي ۾ ملندڙ اهي رانديڪا جمع ڪندو رهيس، اندازو ئي نه هو ته هڪ ڏينهن اهو شوق عالمي رڪارڊ جوڙيندو. هن چيو ته پروفيشنلي آئون گرافڪ آرٽسٽ آهيان پر ننڍپڻ کان ئي رانديڪا جمع ڪرڻ جو شوق آهي.