هالا ۾ سياسي جماعتن جي رابطا مهم تيز: مٽياري عوامي اتحاد مضبوط اميدوار آڻڻ لاءِ سرگرم

0
205
هالا ۾ سياسي جماعتن جي ر

هالا (ن پ ا) مڪاني چونڊن کان اڳ هالا ۾ سياسي چهچٽو شروع. سياسي جماعتن جي اڳواڻن جون هڪ ٻئي سان الڳ الڳ ملاقاتون. پ پ مخدوم مخالف گروپ مٽياري عوامي اتحاد پوري ضلعي ۾ پنهنجا مضبوط اميدوار آڻڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو. تفصيلي رپورٽ موجب مڪاني چونڊن جا ڏينهن ويجهو ايندي ٿيندي هالا سميت مٽياري ضلعي ۾ سياسي سگهه رکندڙ قوتن جنهن ۾ مخدوم، ڄاموٽ، سيد، نظاماڻي، راهو، لطيفي هائوسن جي اڳواڻن جنهن ۾مخدوم جميل الزمان، مخدوم رفيق الزمان، مخدوم محبوب الزمان، اڳوڻي ڊي جي ايف آئي بشير احمد ميمڻ، نصير احمد ميمڻ، مخدوم غلام محي الدين، مخدوم عمار حيدر، سيد شاھه محمد شاھه، سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ، حاجي جلال شاهه ڄاموٽ، نظير احمد راهو، علي احمد نظاماڻي، گدا حسين شاهه لطيفي، سيد خاور حسين شاهه جن پاران مڪاني چونڊن ۾ پنهنجااميدوار بيهارڻ ۽ انهن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ علائقي جي بااثر ڌرين سان ميل جول وڌائيندي عوامي رابطه مهم جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي

ان سلسلي ۾ مخدوم جميل الزمان سينيٽر سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ سميت ضلعي جي مختلف سياسي جماعتن سميت بااثر ڌرين سان هالا، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ملاقاتون ڪندي کين پنهنجن علائقن مان اميدوارن جا نالا طلب ڪري ورتا آهن. جڏهن ته ٻئي طرف ماشاءَ الله هائوس جي اڳوڻ ۽ اڳوڻي ڊي جي ايف آئي اي بشير احمد ميمڻ جي سندس ڀاءُ فنڪشنل اڳواڻ نصير احمد ميمڻ پڻ هالا، سعيدآباد، ڀٽ شاهه، اڏيرو لعل، مٽياري جي معززين جنهن ۾ سيد حاجي جلال شاهه ڄاموٽ، مخدوم غلام محي الدين، مخدوم فضل، مخدوم عمار حيدر سميت هالا سميت پوري ضلعي جي مختلف علائقن جي رهندڙ مختلف برادرين جي اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪندي کين مڪاني چونڊن جي تياري ڪرڻ سان گڏوگڏ کين هن دفعي مٽياري عوامي اتحاد جي گڏيل اميدوار کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪرڻ لاءِ چيو آهي