هالا: تعلقه اسپتال مان ڊاڪٽر غائب، علاج لاءِ پهتل مريض دربدر

0
184

هالا)ن پ ا) هالا جي تعلقه اسپتال مان ڊاڪٽر غائب، مختلف ڳوٺن مان علاج لاءِ پهتل مريض دربدر، ڊاڪٽرن جي نه هجڻ تي بيمار عورتون ڊاڪٽرن جو انتظار ڪندي سندن ڪمرن ۾ سمهي رهيون، اسپتال هالا ۾ بجي تائين ڊاڪٽر نه پهچي سگهيام جنهن سبب مريض بي يارو مددگار پيل رهيا، هڪ عورت مريض جو چوڻ آهي ته صبح 8 بجي کان ايل آهيون هن مهل تائين ڊاڪٽر ناهن آيا، ڊيوٽي تي موجود ڪمپائونڊر جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر روزانه 11 بجي کانپوءِ ايندا آهن، مان ڇاڪيان، ايم ايس سان رابطو ڪرڻ تي هن ڪورٽ ۾ هجڻ جو چوندي فون بند ڪري ڇڏيو، جڏهن ته داخل مريضن جي ماني لاءِ قائم بورچي خانو گندگي جي ورچڙهيل آهي، مريضن جي تيار ٿيندڙ ماني ۾ مضر صحت شيون استعمال، ٺيڪيدار 30 لک روپيا کائي فرار ٿي ويو.