نيوسعيدآباد (ن پ ا)نيوسعيدآباد شھر ۾ اٺ ڏينھن اڳ ۾ بروھي برادري وچ ۾ ٿيل جھيڙي ۾ زخمي ٿيل 46 ورھين جو يارمحمد بروھي لمس اسپتال حيدرآباد ۾ فوت ٿي ويو. جنهن جو لاش ايمبولينس ذريعي نيوسعيدآباد تعلقي اسپتال آندو ويو، پوليس به وڏي انگ ۾ پھچي وئي سندس پٽ ياسين بروھي جي فرياد تي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. فريادي ياسين بروھي جو چوڻ آھي ته چار جوابدارن اڪبر بروھي منور بروھي علي بھار بروھي عنايت بروھي يار محمد کي فون ڪري گھرائي بيدردي سان ڪھاڙيون ھنڻي شديد زخمي ڪري ڇڏيو ھو. پوليس جو چوڻ آھي ته لمس حيدرآباد فوتي جي ميڊيڪل رپورٽ جاري ڪئي آھي، ان ۾ ان جي موت جو ڪارڻ ڊينگي وائرس سبب گردا فيل ٿيڻ ٻڌايو ويو آھي. وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد جاچ ڪئي ويندي.