نيوزيلينڊ ٽيم 18سالن بعد سڀاڻي پاڪستان پهچندي

0
449

لاهور(اسپورٽس نيوز)نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم 18سالن بعد سڀاڻي پاڪستان پهچي رهي آهي. نيوزيلينڊ ٽيم بنگلاديش مان جهاز ذريعي اسلام آباد پهچندا، سول ايوي ايشين طرفان نيوزيلينڊ ٽيم ڪورونا ٽيسٽ کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پهريون ون ڊي 17 سيپٽمبر تي راولپنڊي ۾ شيڊول آهي. هوڏانهن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسلام آباد ۾ ڪورونا ٽيسٽ نيگيٽو اچڻ جي صورت ۾ رانديگرن کي پريڪٽس جي اجازت ڏني ويندي.