مٺي: ليلا ميگھواڙ ڪيس، جوابدار کي 24 سال قيد، 94 لک ڏنڊ جي سزا

0
290
مٺي: ليلا ميگھواڙ ڪيس

مٺي(ن پ ا) مٺي جي عدالت لڄالٽ بعد حمل ٿيڻ ڪري خودڪشي ڪندڙ نوجوان ناري ليلا ميگهواڙ جي ڪيس ۾ جوابدار کي 24 سال قيد، زيادتي، حمل ضايع ڪرڻ ۽ خودڪشي تي مجبور ڪرڻ جي ڌار ڌار ڏوهن ۾ 94 لک ڏنڊ جي سزا جو فيصلو ڏئي ڇڏيو.

ڏيپلو تعلقي جي ڳوٺ ڪوئنرليو ۾ 16 سالن جي ناري ليلان ميگهواڙ کي مبينا طور تي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو هو، ان وقت ناري 7 مهينن جي حمل سان هئي، جنهن بعد  ناري ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي هئي.

واقعي جو ڏيپلو ٿاڻي جي ناري جي والد سوجارام ميگهواڙ هڪ سال کن اڳ واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو هو ۽ ڊي اين اي ٽيسٽ رپورٽ ۾ جوابدار ڪونپجي ٺڪر جا جزا ميچ ٿيا هئا، جنهن بعد جوابدار ناري سان لڪ چوري شادي هجڻ جي دعويٰ ڪري عدالت ۾ درخواست پڻ داخل ڪرائي هئي.

گذريل سال کان ايڊيشنل سيشن جج مٺي جي عدالت ۾ ڪيس هلندڙ ھ ، عدالت ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار ڪونپجي ٺڪر کي زيادتي جي ڏوهه ۾ 24 سال قيد ۽ 10 لک ڏنڊ، خودڪشي تي مجبور ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 42 لک ڏنڊ ۽ ڪنواري ناري جو حمل ضايع ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 42 لک ڏنڊ جي سزا جو فيصلو ڏنو.