هڱورجا جي مدرسي مان پُراسرار نموني گم ڄاڻايل نينگر جي معاملي جو نئون رُخ

0
326
Sukkur Court

سکر (بيورو رپورٽ) هڱورجا جي مدرسي مان پُراسرار نموني گم ڄاڻايل نينگر عطاءُ الله بروهي جي معاملي جو نئون رُخ، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ کٿابي جِي امڙ جِي درخواست تي ڊي آءِ جي سکر رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، پوليس شڪ ظاهر ڪيو آهي ته نينگر جي اغوا ۾ ملوث نذير بروهي جو دهشتگردن سان واسطو ٿي سگهي ٿو، جوابدار نذير بروهي جنهن مدرسي ۾ ديني تعليم ڏيندو هو، اُهو مدرسو عبدالجبار سومري جو آهي، عدالت پوليس کي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نينگر عطاءُ الله بروهي 7 مهينا اڳ مدرسي مان گُم ٿيو هو، نينگر جي امڙ شريفان بروهي چيو آهي ته جوابدار نذير بروهي پُٽ کي پاڻ سان گڏ مدرسي وٺي ويو، مدرسي جي مالڪ عبدالجبار سومرو نينگر کي وڪڻي ڇڏيو آهي، جوابدار پاڻ کي بچائڻ لاءِ مختلف قسمن جا بهانا ڪري رهيا آهن، عورت طرفان پُٽ کي جلد بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيوويو آھي.