مدئجي ويجهو نوجوان کي وارثن کٽ ۾ زنجيرون هڻي ٻڌي ڇڏيو

0
355

مدئجي(رپورٽ) مدئجي ويجهو ڳوٺ مرزاپور ۾ 23سالا مزمل ميراڻي کي وارثن زهني توازن ٺيڪ نه هجڻ ڪري وارثن کٽ ۾ زنجيرون هڻي ٻڌي ڇڏيو- مرزاپور جي جوڳي نگر محلا ۾ زال ڇڏي وڃڻ بعد 23 سالا مزمل ميراڻي زهني توازن وڃائي ڇڏيو، نوجوان کي وارثن کٽ ۾ زنجيرون ۽ تالا هڻي گهر اندر بند ڪري ڇڏيو.ان سلسلي ۾ نوجوان جي وارثن اياز ميراڻي ۽ ڀاءَ مدثر ميراڻي ٻڌايو ته اسان جو نوجوان شادي کان پوءِ سندس گهر واري ڇڏي وڃڻ ڪري ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي جنهن جو مختلف اسپتالن مان علاج ڪرايو آهي پر ڪا به بهتري نه آئي آهي.