اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نيب محمد عمير جي نوڪري مان ڪڍڻ واري حڪم خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نيب محمد عمر خلاف ڪارروائي ڪري، محمد شرجيل ميمڻ ريفرنس ۾ 15 اصل پراپرٽي ڊيڊ چوري ڪئي، انڪوائري کانپوءِ نيب کيس نوڪري مان ڪڍڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، نيب محمد عمر خلاف قانون جي آخري حڊ تائين ڪارروائي ڪري، نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا ڪافي ناهي، صدر چيو ته محمد عمير اهم ڪاغذن جو اڪيلو نگران هو، اسٽيل جي الماڙي مان ڪاغذ چوري ٿيا، الماڙي تائين رسائي صرف محمد عمير کي هئي، عدالت ۾ ڪاغذ پيش ڪرڻ جو واعدو به ڪيو عين وقت تي عدالت کي ڪاغذ چوري ٿيڻ جو ٻڌايو جنهن ڪري ڪيس ۾ ملوث ماڻهن کي ضمانت ملي وئي، دٻاءُ وجهڻ بعد ڪاغذ برآمد ٿيا ۽ نيب جي خواري ٿي. صدر چيو ته نيب جي تحويل مان ڪاغذ چوري ٿيڻ هڪ ڪڌو ڏوهه آهي، پاڪستاني عوام سان دوکو ڪيو ويو، ڪاغذ حادثاتي طور نه پر هڪ ڪرپٽ آفيسر ڄاڻي واڻي چوري ڪيا، اهڙي ڏوهه سبب قوم جو اربين رپين جو نقصان ٿيو.