ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور جي واپاري پاران قرض وٺڻ وارو معاملو. ڪرمپور ۾ اناج جي واپاري سيٺ گرمگ داس پاران وياج تي پئسا وٺي گم ٿيڻ بعد پئسا ڏيندڙ ٻين واپارين ۽ دڪاندارن ۾ بيچيني پکڙيل آهي واپاري سيٺ سنديپ ڪمار پاران گرمک داس جي گدام مان ٽريڪٽر ٽرالين ذريعي ڌاڻا کڻائي وڃڻ بعد مکي نانڪ وٽ پئنچائت گهرائي وئي، پئنچائت جي گڏجاڻي بعد سنديپ ڪمار پاران زبردستي کنيل مال گدام ۾ واپس ڪيو ويو، جڏهن ته مکي نانڪ رام جي سربراهي ۾ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي سيٺ سنديپ ڪمار جو چوڻ هو ته گرمک داس اسان کان 70 لک قرض وٺي پاڻ دبئي ويو آهي ان جو ڀاءُ نريش ڪمار ۽ ٻيا وارث منهن نه پيا ڏين ان ڪري اسان گدام مان مال کڻايو جيڪو پئنچائت جي فيصلي موجب واپس ڪيو آهي وڌيڪ فيصلو ڪاميٽي ڪندي. جڏهن ته ڪاميٽي ۾ مکي نانڪ رام، سيٺ شنڪر لال، جيوت مل، واشو مل ۽ ٻيا ميمبر مقرر ڪيا ويا، مقرر ٿيل ڪاميٽي پاران قرض ڏيندڙ واپارين ۽ دڪاندارن کان قرض جا تفصيل پڻ طلب ڪيا ويا آهن جڏهن ته قرض ڏيندڙن ۾ بيبو مل، اجن لال، گڊو مل، آڪاش ڪمار سميت ڪرمپور ڪنڌڪوٽ ۽ غوثپور جا واپاري به شامل آهن. ٻئي طرف جوڙيل ڪاميٽي سيٺ گرمک داس جي ڀاءُ نريش ڪمار سان پڻ رابطو ڪيو آهي مکي نانڪ رام جو چوڻ هو ته نريش ڪمار ڪراچي ويل آهي ان جي واپس اچڻ بعد گرمک داس جي ملڪيت جو پڻ تعين ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ پئنچائتي ڪاميٽي قرض ڏيندڙن کي قرض جي واپسي جو معاملو پرسنٽ ايج جي حساب سان فائنل ڪيو ويندو.