لنڊن (دلچسپ نيوز) نوڪيا ڪيترن ئي سالن کان پوءِ پنهنجو پهريون ٽيبليٽ ٽي 20 متعارف ڪرائي ڇڏيو.حقيقت ۾ اوهان جيڪي اميدون نوڪيا فون مان رکو ٿا اهو سڀ ڪجهه ان ٽيبليٽ ۾ موجود آهي.2020ع ۽ 2021ع دوران سڄي دنيا ۾ ٽيبليٽس جي وڪري ۾ واڌ ٿي آهي ۽ ان کي ڏسندي نوڪيا ڪيترن ئي سالن کان پوءِ پهريون اينڊرائيڊ ٽيبليٽ متعارف ڪرايو آهي.نوڪيا فونز جيان ان نئين ٽيبليٽ جي بيٽري لائيف زبردست آهي.ڪمپني موجب ٽيبليٽ ۾ 8200 ايم اي ايڇ بيٽري موجود آهي ۽ لاڳيتو استعمال ڪرڻ تي به 15 ڪلاڪ آرام سان هلي سگھي ٿي.اهڙيءَ طرح 10 ڪلاڪن تائين لاڳيتو وڊيوز ڏسي سگھجن ٿيون جڏهن ته 7 ڪلاڪن تائين لاڳيتو ڪالز به ڪري سگھن ٿيون ۽ ها بيٽري ۾ 15 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي.نوڪيا ٽي 20 ۾ 10.4 انچن جي ايل سي ڊي ڊسپلي ڏني وئي آهي جڏهن ته اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم ۽ يوني ايس او سي ٽائيگر ٽي 610 پراسيسر ان ڊوائيس جو حصو آهن.اهو ٽيبليٽ 3 کان 4 جي بي ريم ۽ 32 کان 64 جي بي اسٽوريج جي آپشنز ۾ دستياب هوندو جڏهن ته اسٽوريج ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ واڌ ڪري سگھجي ٿي.