نوشهرو فيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ۾ ڪٻاڙي جي دڪان کي باھه، خبر موجب شهر جي وارڊ نمبر 4 پير محلا ۾ شمشاد علي جي ڪٻاڙ جي دڪان کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب لکين رپين جو گتو، پلاسٽڪ ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، فائر برگيڊ جي گاڏي پهچي باھه تي ضابطو آندو، دڪان مالڪ ٻڌايو ته خبر ناهي ته باهه ڇا مان لڳي، هن چيو ته باهه سبب لکين رپين جو سامان سڙي ويو آهي.