دولتپور صفن (ن پ ا) دولتپور صفن ۾ بدامني ۽ وڌندڙ چورين جي آزار خلاف مختلف سياسي، سماجي تنظيمن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو،  ان موقعي تي روشن سومرو، جاويد انڙ، عباس عباسي ۽ ٻين چيو ته پوليس جي نااهلي سبب چورين ۾ اضافو ٿي ويو آهي، هنن چيو ته شهر مان ڪيتريون ئي چوريون ٿي چڪيون آهن پر پوليس هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي، ھنن چيو شھر جو امن امان پوليس ھٿ سان خراب ڪري رھي آھي، هنن مطالبو ڪيو ته چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي بدامني کي ٻنجو ڏنو وڃي،