سنڌ پوليس جي 17 ڊي ايس پيز جون مقرريون ۽ بدليون

0
255

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس جي 17 ڊي ايس پيز جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن، جنهن جي حوالي سان آئي جي سنڌ طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي

سي پي او ۾ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ڊي ايس پي ممتاز مگسي جون خدمتون ايڊيشنل آئي جي ڪراچي حوالي ڪيون ويون، جڏهن ته ستار ڦل ۽ زڪيه ملڪ جون خدمتون ايڊيشنل آئي جي اسپيشل برانچ ۽ جاويد اقبال جٽ ڊي ايس پي سي آئي اي مٽياري مقرر ٿي ويو

ايس ڊي پي او ٺري ميرواهه فدا اعواڻ کي هٽايو ويو، کيس سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ۽ نذير مير بحر ايس ڊي پي او ٺري ميرواهه مقرر ٿي ويو

ايس ڊي پي او دولتپور سڪندر شاهه کي هٽايو ويو، کيس سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، ان جي جاءِ تي عبدالواحد کوسو ايس ڊي پي او دولتپور مقرر ڪيو ويو آهي

انچارج سيڪيورٽي گورنر هائوس اعظم حيات خان جون خدمتون ايڊيشنل آئي جي ڪراچي حوالي ڪيون ويون، ڊي ايس پي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر شاهد بشير جون خدمتون ايڊيشنل آئي جي ڪراچي حوالي ٿي ويون

محمد انور گوپانگ انچارج سيڪيورٽي گورنر هائوس مقرر ٿي ويو، محمد نادر ڊي سي پي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر سي پي او مقرر ٿي ويو، ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر حيدرآباد ذوالفقار قائم خاني کي بدلي ڪري ايس ڊي پي او بدين مقرر ڪيو ويو آهي

ايس ڊي پي او هالا عارف ڀٽي کي بدلي ڪري ڊي ايس پي سي ٽي ڊي ميرپور خاص مقرر ڪيو ويو، ايس ڊي پي او کارادر ڪراچي ارشد حيات جون خدمتون ڊي آئي جي ٽريفڪ، لائسنسنگ ۽ ٽريننگ سنڌ حوالي ڪيون ويون

ڊي ايس پي ٽريفڪ لڪي اسٽار ڪراچي افضل بيگ مغل کي بدلي ڪري ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر ٺٽو مقرر ڪيو ويو آهي

 

 

ھي به پڙھندا

سنڌ جي خلاف معاهدو، حيدرآباد ۾ ڪيو اي ٽي جي سڏ تي ڌرڻو