ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ شهميرديرو جي رهواسي چنا برادري جي ماڻهن رستم  چنا جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي سچل چنا، منور چنا، شبير، دلشاد ۽ ٻين چيو ته ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري، هنن مطالبو ڪيو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.