نوشهروفيروز (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ وينٽيليٽر انسٽال نه ڪرڻ، اسپتال 95 ڊاڪٽرن پاران اسپتال مان پگھار کڻڻ باجود 65 ڊاڪٽر ويزا تي موڪلڻ ۽ اسپتال کي ضلعي جو درجو نه ڏيڻ خلاف ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ اسپتال جو ڪيس وڙھندڙ نامياري وڪيل حاجي شمس الدين راڄپر تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف اسپتال بچايو ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي الله واري چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ۾ شامل ماڻهو اسپتال جا مسئلا حل ڪيو جا زوردار نعره هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي سول اسپتال بچايو ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن يونس راڄپر ۽ ٻين چيو ته سول اسپتال ۾ ايندڙ ڪيترائي مريض وينٽيليٽر نه هجڻ ڪري تڙپي تڙپي فوت ٿي چڪا آھن پر هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود وينٽيليٽر انسٽال نه پيا ڪيا وڃن علاج جون بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري روزانو ايندڙ مريض سخت پريشان ٿي رهيا آهن. هنن چيو ته سول اسپتال ۾ وينٽيليٽر انسٽال ڪري اسپتال کي اپ گريڊ ڪري ضلعي جو درجو ڏئي سموريون طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ اسپتال جي ڪيس جي پيروي ڪندڙ سکر جي نامياري وڪيل حاجي شمس الدين راڄپر مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ وزير صحت، سي ايم هائو اڳيان ڌرڻا هنيا ويندا.