نوري آباد (ن پ ا) ونڊ پاور ڪمپني جي گارڊن هٿان گولين هڻي قتل ڪيل گهيلو پالاري جا وارثن پاران قتل ڪيس  داخل نه ٿيڻ تي نوري آباد ٿاڻي آڏو احتجاج ڪيو ويو. پوليس پاران ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائڻ تي  سوين ماڻھن موٽروي تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن ڪري روڊ تي ڪراچي ۽ حيدر آباد ايندڙ ويندڙ گاڏين نه هلي سگهيون ۽ ڪيترائي ڪلاڪ روڊ بلاڪ رهيو. بعد ۾ نوري آباد پوليس مظاهرين سان ٻيهر ڳالهيون ڪيون پوليس ٿاڻي آڏو ڪيل احتجاج ۾ ونڊ پاور جي گارڊن پاران گولي هڻي مارجي گيلو پالاري جي وارثن  جو چوڻ ھو ته سندن نوجوان کي بي ڏوھ جي قتل ڪيو ويو، جيستائين قتل جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيندي اسان احٿجاج ختم نه ڪنداسين. واقعي جي شفاف انڪوائري ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. آخري اطلاعن موجب  رات دير تائين مظاهرين ٿاڻي آڏو موجود هئا ۽ ڳالهيون جاري هيون.