ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن جي قتل واري ڪيس جي فريادڻ ام رباب چانڊيو پنهنجي سوشل مڊيا تي جاري ڪيل وڊيو  بيان ۾ چيو آهي ته گذريل ڏينهن دادو جي ماڊل عدالت جيڪو فيصلو ڏئي سندس ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ پ پ پ جي ٻن ايم پي اي ڀائرن نواب سردار چانڊيو سندس ڀاء نواب برهان چانڊيو  کي جوابدار طور نالا شامل ڪيا آهن، اها اسان جي نه پر پاڪستان جي مظلوم عوام جي فتح آهي. انصاف جي فتح آهي. ام رباب چانڊيو پنهنجي وڊيو بيان ۾ پاڪستان ۽ سنڌ جي ماڻهن جا به ٿورا مڃيا، جن سندس جدوجهد ۾ نه رڳو حمايت ڪئي پر عملي ساٿ ڏنو. ام رباب چانڊيو چيو آهي ته سندس پاڪستان جي عدالتن تي اعتماد آهي ته اهي سنڌ جي هن مظلوم نياڻي سان اڳتي به انصاف ڪنديون ۽ سندس گهر ڀاتين جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏئي انصاف ڪنديون.