نوجوان نسل کي تباهه ٿيڻ کان بچايو

0
288
غربت ، مجبوري ۽ سماجي بي حسي

 مهانگائي،بدامني، بيروزگاري ۽ ٻيا کوڙ سارا مسئلا آهن، جنهن جي ڪري اسان جو سماج بي حسي طرف وڌي رهيو آهي، اها سماجي بي حسي اسان کي تباهي طرف ڌڪي پئي، جنهن کي شايد اسين سڀئي محسوس ڪندي به انهي کي روڪڻ ۾ سنجيده ڪردار ادا نه پيا ڪريون. اڄڪلهه جي نوجوان نسل ۾سماجي ويب سائيٽس جا جتي ڪيترائي ٻيا ناڪاري اثر پون پيا، اتي انهن ۾ منشيات جو استعمال به عام ٿي رهيو آهي، اسان هونئن ته ٻين هنڌن تي اڪثر نشي جي استعمال بابت ٻڌندا هئاسين، پر هاڻي تعليمي ادارا به انهي برائي کان بچيل ناهن. تعليمي ادارن ۾ منشيات جو وڌندڙ استعمال ڏسي مان ته هڪ ماءُ هجڻ جي ناتي حيران ۽ پريشان ٿي وئي آهيان، ڇاڪاڻ جو ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي ڪيترن ئي وڏن نالن وارن خانگي اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين اسانجا  نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون منشيات جي واهپي ۾ ملوث آهن، جيڪو عمل انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي. مان منشيات جي تعليمي ادارن ۾ روڪٿام بابت اينٽي نارڪوٽيڪس فورس سان گڏجي هڪ پروگرام ڪيو هو، جنهن ۾ ڪوشش ڪئي ته تعليمي ادارن جي انتظاميا کي انهي ڳالهه تي سينسٽو ڪريون ته اهي پنهنجي اداري ۾ پڙهندڙ ٻارن جي ذهني ڪيفيت تي خاص ڌيان ڏين، انهن جي ذهني اوسر ۾ ڪردار ادا ڪن. بطور هڪ تعليم کاتي جي آفيسر جي اسان پنهنجي حصي جو ڪم ڪريون ٿا، پر منشيات جي وڪري ۾ ڪي عام ماڻهو نه پر سگهاري مافيا ملوث آهي، انهي جا هٿ ڊگها ۽ طاقتور آهن، انهي ڪري انهن سان ويڙهه ۾ ڪو هڪ فرد يا ادارو نه پر پوري سماج کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڪراچي ۾ اڪثر اٺين يا نائين درجي جي شاگرد کان وٺي انٽر ڪلاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ هاڻي منشيات جي واهپي واري علت وڌي رهي آهي، يقينن جڏهن اهي شاگرد ٻن ٽن سالن تائين انهن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ منشيات استعمال ڪندا رهندا ته پوءِ يونيورسٽين تائين جڏهن پهچندا ته اهي انهي علت کي ساڻ کڻي ويندا هوندا، انهي ڪري منشيات جي عادي نوجوانن کان هاڻي تعليمي ادارا محفوظ ناهن. اسان تي هاڻي ڪنهن دشمن جي حملي جي به ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ جو اسين اندروني تي پنهنجن جي وار جي ور چڙهي ويا آهيون. مان ڪراچي جي خاص طور تعليمي ادارن کانسواءِ انهن شيشا پوائنٽس ، شام جي بيٺڪ وارن اسٽالن تي الڳ سان قائم ٿيل اسموڪنگ زون جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿي ، جتي اڪثر نوجوان مختلف فليورز جا دونها ڦوڪين ٿا. شروعاتي طور سگريٽ، شيشو ۽ پوءِ مختلف منشيات جي ور چڙهندڙ انهن نوجوانن جي والدين تي به حيرت آهي جو اهي پنهنجي ٻار جي بگڙجندڙ صحت ۽ معمول زندگي تي ڌيان نٿا ڏين، اولاد کي سنگت ۽ دوستن جو ماحول ضرور ڏجي پر انهن تي اک رکڻ به ضروري آهي. مردن کي  هن مهانگائي جي ڪري شايد وڌيڪ محنت ڪرڻي پوي ٿي اهي ته ممڪن آهي ته ٻارن تي توجهه نه ڏئي سگهندا هجن، پر انهي جو مطلب اهو ناهي ته انهن کي اولاد جي ذميواري کان آجو قرار ڏجي، پر مائرون ته اولاد جي رويئي مان سمجهي  وينديون آهن ته سندن ڌيءُ يا پٽ جو رويو تبديل ٿي رهيو آهي يا ساڳيو آهي، انهن ۾ تبديلي آئي آهي، جيڪڏهن تبديلي آئي آهي ته انهي جا ڪارڻ ڳولي انهن جو ازالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ منشيات جي عادي ٻار جي روين ۾سو سيڪڙو تبديلي اچي وڃي ٿي. اهي ٻار چرس، هيروئن،آئيس ۽ آفيم سميت مختلف قسمن جي نشي جا عاد بڻجي پنهنجي مستقبل کي داءُ تي لڳائين ٿا، انهن ٻارن خاص طور شاگردن کي انهن جي تعليمي ادارن جي ڀرپاسي قائم ٿيل ڪيبنن ۽ دڪانن تان چرس جا ٺهيل سگريٽ ملن ٿا، جيڪي شاگرد گروپ جي صورت ۾  اسڪول جي اندر واش روم ۾ وڃي پيئن ٿا يا وري اسڪول وقت کانپوءِ ٻاهر نڪرندي گروپ جي صورت ۾ڪنهن ڪنڊ پاسي پيئن ٿا.

اها منشيات ڪراچي تائين پهچي ڪيئن ٿي؟ ملڪ جا ايترا قانون نافذ ڪندڙ ادارا آهن، منشيات جي روڪٿام لاءِ  خاص فورس قائم آهي پر پوءِ به انهن شهرن ۾ منشيات جو وڪرو جاري آهي، جيڪو هاڻي اسان جي مستقل جي معمارن کي اڏوهي بڻجي اندران کوکلو پيو ڪري ۽ اسان جي رياست جي ڪن تي جونءَ به نٿي سري. جيڪڏهن اها ئي بي حسي ۽ غير سنجيدگي رهي ته اسان وٽ  ايندڙ 10 سالن ۾شايد ئي ڪو اهڙو گهر هجي جتي منشيات جا واهپيدار نه هجن يا شايد ئي ڪو اهڙو ادارو هجي جتي منشيات جو واهپو نه ٿيندو هجي. اسان جي قوم کي نشي ۾ هيرائي پنهنجا مفاد حاصل ڪندڙ موقعي پرست ماڻهو هن ملڪ کي اونداهي طرف ڌڪين پيا، انهي ڪري اسان کي هن وقت اکيون کولڻ گهرجن ته انهي منشيات جي لعنت کي روڪڻ لاءِ پنهنجي حصي جو هر ماڻهو ڪردار ادا ڪري. بطور هڪ عورت  ۽ هڪ ماءُ جي منهنجي سمورن والدين کي گذارش آهي ته اهي پنهنجي اولاد جي هر سرگرمي تي نظر رکن، انهن کي روزمره جي ملندڙخرچي جو حساب رکن، اڄ جيڪڏهن اسين پنهنجي اولاد کي انهي لعنت کان بچائي نه سگهياسين ته سڀاڻي انهي جي تباهي جا منظر اکين سان ڏسڻا پوندا. ضروري آهي ته اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي مان واپس گهر ايندڙ شاگرد يا شاگردياڻي سان سندن والدين ڪجهه گهڙيون گڏ ضرور گذارين انهن کان سندن تعليم سميت ذاتي زندگي ۽ دوستن جي سرڪل بابت حال احوال وٺن، خدانخواسته ڪو ٻار منشيات جي علت جي ور چڙهي ويو آهي ته انهي تي تشدد يا تذليل ڪرڻ بدران انهي جي ڪائونسلنگ سان گڏ منشيات جي روڪٿام بابت ادارن سان رجوع ڪرائي، سندن علاج ڪرايو وڃي، انهي علت کي عيب ته سمجهڻ گهرجي پر لڪائڻ بدران انهي کي منظر عام تي آڻي پنهنجي اولاد جو علاج ڪرائجي، جيڪڏهن اوهان جي پاڙي ۾ رهندڙ ڪنهن ٻئي جو اولاد به انهي علت ۾ ملوث آهي ته انهي جا والدين به پنهنجي اولاد جي علاج لاءِ ڪردار ادا ڪن، انهي کان علاوه بطور سماج اسين انهن ماڻهن تي  نطر رکون جيڪي منشيات فروشي ۾ ملوث آهن، يا وري جيڪي ٻين براين کي هٿي ڏين ٿا انهن کي وائکو ڪريون. انهي لاءِ اسان کي متحد ٿي پنهنجي مستقبل کي بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ انهن ادارن جي عملدارن کي اپيل ڪنديس ته خدارا  هتي منشيات پهچائڻ ۽ وڪري ڪرڻ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري، هن قوم جي ٻچن تي رحم ڪريو. هن پاڪ سرزمين کي منشيات جي لعنت کان پاڪ بڻايو ۽اسان جي روشن مستقبل ۾ رڪاوٽ بڻيل سماج دشمن عناصرن جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪريو.