لوڪ ادب تي تحقيق ڪندڙ عبدالڪريم سنديلو

0
380
شاھه جي ڪلام۾جدوجهد

 عبدالڪريم سنديلو 13 ڊسمبر 1919ع تي ڳوٺ مهراب خان سنديلو، تعلقو ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، سنڌي فائينل پاس ڪري پرائمري استاد ٿيو ۽ پوءِ انهيءَ ئي دور ۾ سندس رغبت لوڪ ادب ڏي ٿي، هن محقق علم ادب کي سڄي حياتي ارپي ڇڏي، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ، لکڻ ۽ لکائڻ سندس مشن هو، وڏي محنت سان بي اي، ايم اي ۽ پي ايڇ ڊي ڪيائين، سندس پي ايڇ ڊي جي مقالي جو موضوع، “لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو” آهي.

                 1979ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپل جي حيثيت سان رٽائرڊ ڪيائين، کين 1974ع ۾ ادبي ۽ تحقيقي خدمتن تي صدارتي ايوارڊ “تمغهءِ امتياز”، ڏنو ويو، ان کانسواءِ سچل ايوارڊ، پاڪستان رائيٽرز گلڊ ايوارڊ ۽ ٽيڪسٽ بڪ ايوارڊ ۽ ٻيا اعزاز مليا هئن، سندن وفات 2 فيبروري 1990ع ۾ ٿي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو کين مڃتا ڏيندي لکي ٿو ته:

                 “خيرپور کان پري دريا پار لاڙڪاڻي جو واسي ڄڻ حامي جي تصوير، ادب ۾ شاعريءَ جو پارکو ۽ لغت ۾ به يگانو خاص طور هندي ۽ سنسڪرت جو ڄاڻو هو”. (1)

ڊاڪٽر سنديلو جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ گهڻو تعداد لوڪ ادب، لغت ۽ سنڌي اساسي شاعريءَ جو آهي، ته درسي ڪتاب به لکيائون، جيئن علم بديع، انگي اصول، تاريخ سنڌ، اسلامي تاريخ، سنڌي نائين ۽ ڏهين جو ڪتاب آهن، سنڌ جي لوڪ ادب ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ جي کين وڏي ڄاڻ هئي، سندن اهم ڪتابن ۾ “وينجهار” (1950ع) آهي.

هن ڪتاب ۾ لوڪ ادب جي سڀني صنفن جو تعارف ڏنل آهي، هيءُ ايم اي جي نصاب تي مقرر ۽ مستقل چپجندڙ ڪتاب آهي، فقط 1960 ۾ هن ڪتاب جا 8 ڇاپا ڇپيا ۽ پوءِ به شايع ٿيندو رهيو آهي) “سنڌ جو سينگار” 1956ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو، جنهن ۾ سينگار جي شاعرن جا بيت ڏنل آهي ته مهاڳ ۾ هن صنف جي جامع انداز ۾ وصف ڏنل آهي، “علم بديع”، “تحقيق لغات سنڌي”، “پهاڪن جي پاڙ” (1966 ۾ ڇپيو، هن ۾ الفابيٽ جي حساب سان 122 پهاڪن جو وچور ڏنل آهي، هر پهاڪي جي حقيقت، واقعو، پس منظر ۽ تاريخي حڪايت ڏنل آهي) “ڏهس نامو” (1979ع) ۾ پڻ لوڪ ادب جي صنف ڏهس جا بيت ڏنل آهي،

ڪليات حسن ديدڙ، “ساميءَ سنديون پسون”، “سامي ڌاتو ڪوش”، (1978ع) ٻنهي ڪتابن ۾ ساميءَ جا چونڊ سلوڪ ٻه سئو تائين ڏنل آهن ۽ گڏ منجهه آيل هندي، سنسڪرت ۽ ٻين ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي ڏنل آهي، اصطلاحن جي اصليت (1987ع)، “تحقيق لغات سنڌي”، “سچل لغات” 1984ع “ڪليات حاجي خان چنجڻي” 1986ع “لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو”، 1986ع ۽ ٻيا ڪتاب آهن.

لوڪ ادب جو تحقيقي جائزوڊاڪٽر سنديلي جو پي ايڇ ڊي جو تحقيقي مقالو آهي، جنهن جي سَندَ کين 1975ع  ۾ ملي ۽ هيءُ مقالو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جولاءِ 1986ع ۾ شايع ڪيو جو 455 صفحن جي ڪرائون سائيز ۾ ڇپيو ۽ لوڪ ادب جي موضوع تي هڪ معياري ڪتاب شمار ٿئي ٿو، ايم اي ۽ پي سي ايس ۽ سي ايس ايس جي نصاب ۾ شامل آهي، ڪتاب ۾ آيل عنوان هن ريت آهن، لوڪ ادب، پرولي، ٻهڳڻن جا ٻول، هنر، دراهو، ست سري، سينگار، ڏهس، ڏور، جهيڙا يا مناظرا، مداحون ۽ مناجاتون، معجزا، ٽيهه اکريون، مولود، لوڪ گيت ۽ لوڪ ڪهاڻيون جي عنوان سان آهن، ڊاڪٽر صاحب معجزي جي حقيقت ٻڌائيندي لکي ٿو ته:

“معجزو عربي معجزة جنهن جي معنيٰ اهو ڪم، جنهن جي ڏسڻ سان انسان هڪدم مڃڻ تي عاجز ٿي پوي يا ايئن کڻي چئجي ته اهو ڪم جو انساني قوت کان ٻاهر هجي”، اڳيان لکي ٿو ته،

“شاعرن، معجزن سان گڏ ڪرامت جو به بيان ڪيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي تعجب خيز ڳالهه ڪرڻ، يعني اهڙي ڳالهه جا ڏسندڙ جا ڪپاٽ کولي ڇڏي، ڪرامت عربي (ڪرامة) مادو: ڪرم فياض يا سخي ٿيڻ ڀلا جيڪڏهن ڪنهن اڙيل جو ڪنهن وٽان ڪم ٿئي ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي سخا ٿي سگهي ٿي، جناب بادشاهه پيران پير رح جو ٻڏل ٻيڙي تارڻ وارو حيرت انگيز ڪارنامو ڪرامت تحت ٿيو ۽ مالڪن کي ساٿ سلامت مليو”، جمال شاعر موجب ته:

ڏور ڏٺ ڳولڻ، آهي ڪم سپورن جا،

هنر ۾ حرفت گهڻي، تنهن وڌد راها،

سينگار سياڻپ ٿو گهري، ڪي هجن ڳولاوا

معجزا نبين جا ٿيا، ڪرامتون وليا.

لوڪ ادب جي باري ۾ لکي ٿو ته، “لوڪ ادب کي ٻن مکيه ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو،

پهريون نثري حصو ۽ ٻيو نظمي حصو، نثري حصي ۾ لوڪ ڪهاڻيون اچي وڃن ٿيون ۽ نظمي حصي ۾ لوڪ شاعري لوڪ ڪهاڻين ۾ نه فقط عشق ۽ الفت جا داستان سمايل آهن پر منجهن سورويرتا ۽ شجاعت، همت ۽ همدردي جا سوين مثال ملندا، اهي نه رڳو ريجهه رهاڻ ۽ واندڪائي جي وندر جو سهائيندڙ سامان آهي پر بس پس پرده سمجهه ۽ سياڻپ جا سبق آهن،

لوڪ شاعري ڪيتري به پراڻي هوندي ته به نت نئين پئي لڳندي، مطلب ته لوڪ ادب ۾ اڳين جي امانت سمايل آهي، جنهن ۾ اصليت ۽ صداقت آهي، جنهن کي ٻڌڻ سان دل کي راحت ۽ طبع کي فرحت اچيو وڃي. (2)

لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جي هڪ ملهائتي تصنيف آهي، جنهن ۾ ڪافي لوڪ صنفن جي اپٽار ۽ تفصيل ڏنل آهي، پاڻ پنهنجي استاد ۽ پاڙيسري لوڪ ادب جي ماهر جلال کٽيءَ کان جيڪو هن ادب جو گڻ سکيو تنهن تحريري طور هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ سندن هن تصنيف  سان لوڪ ادب ۾ هڪ اهم اضافو ٿيو.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو کي ڪيترين ٻولين تي عبور حاصل هو،

خاص طور پاڪستان ۽ هندوستان جي جدا جدا ٻولين جو هن اڀياس ڪيو هو، سندن شخصي ڪتب خاني ۾ 200 کان 300 فقط ڊڪشنريون آهن، سندن تحقيق ۽ تنقيد جو معيار بلند آهي، ساميءَ تي ڪيل سندن ڪم اهميت جوڳو آهي، چوي ٿو ته،

“سامي، مانک ديهي، انساني جامي تي وڏو زور ڀريو آهي، ساميءَ جون تشبيهون ساديون پر پياريون آهن،

سندن تشبيهن ۾ معنيٰ جو درياهه موجزن آهي.

جن کي رهت رتي، آئي ساڻ عشق جي،

تن کي لکي ڪينڪي، سامي واءُ تتي،

پاڻي پران پتي، سيتل رهن سڀاءُ ۾. (3)

سنديلو صاحب جا “پهاڪن جي پاڙ” ۽ “اصطلاحن جي اصليت” ڪمائتا ڪتاب آهن، جن ۾ هن پهاڪن ۽ اصطلاحن بابت تحقيق ڪري پوءِ نتيجي مطابق احوال ڏنو آهي،

جيڪي به اصطلاح پيش ڪيا آهن،

انهن جي افاديت ۽ تاريخي حيثيت به ڄاڻائي اٿن، مطلب ته ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جون سنڌي علم ۽ ادب ۾ خدمتون نه وسارڻ جوڳيون آهن.

حوالا:

جوڻيجو جبار، ڊاڪٽر، “سنڌي ادب جي مختصر تاريخ”، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1994ع.

سنديلوعبدالڪريم، ڊاڪٽر، “لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو” انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1986ع، ص-286.

ساڳيو حوالو، ص- 2 ۽ 3