ڇڻندڙ چانڊوڪيون

0
134
ڇڻندڙ چانڊوڪيون

خاص ڪري جابلو يا ريگستان جي انهن علائقن ۾ جتي سردين جي موسم ۾ جڏھن برفباري ٿئي ٿي ۽ صحرائن جي انهن علائقن ۾ جتي برسات وسڻ کان پوءِ وليون گل جهلين ٿيون يا وري اهڙن پرسڪون ۽ فطرتي ڪشش ڪندڙ علائقن ۾ جتي راتين جو چانڊوڪيون انب جي ٻور جيان ڇڻنديون آھن ته اهڙن منظرن کي پسي انساني زندگي جا تاڪيا اکلي پوندا آھن. انسان کي ڪائنات ۽ پالڻھارکي ويجهي کان پسڻ جو موقعو نصيب ٿيندو  آھي، پهاڙين جون اوچيون اوچيون چوٽيون، سر سبز واديون، وادين ۾ برف سان ڍڪيل وڻ، پهاڙين تي ٽپا ڏيندڙ گڊ، سرنهن ۽ ٻيا جانور، ڀٽن ۽ جابلو چوٽين مٿان ترسندڙ ڪڪر ۽ انهن جي آس پاس چر پر ڪندڙ جانور توڙي انسان،فطرت جي خوبصورت شاهڪارن ۾ شمار ٿيندا آھن ۽ ماڻھو اهو سڀ ڪجهه پنهنجي اکين سان ڏسي هن ڪائنات جي خوبصورتي کان انڪار ڪري ئي نه ٿو سگهي نه ته هي دنيا انساني المين ۽ مشڪلاتن سان ڀريل آھي.  ماڻھو اهڙين مشڪلاتن مان نجات پائڻ لاءِ موت کي پيا سڏيندا آھن يا وري خودڪشيون پيا ڪندا آھن ۽ اها حقيقت آھي ته دنيا ۾ خودڪشين جو وڏو سبب بک، معاشي حالتون ۽ سماجي رويا آھن. دنيا ۾ پورهيت ماڻھن کي کائڻ لاءِ اٽو ڪونهي پائڻ لاءِ ڪپڙو ڪونهي.

ملڪ جي اترئين علائقن ۾ خاص ڪري پهاڙن تي ٿڌ وڌڻ سبب جڏھن برفباري ٿئي ٿي ته اتان جا ماڻھو برفباري وارو عرصو سندن گهرن ۾ محصور رهندا آھن. ايترو عرصو گهرن ۾ رهڻ دوران اتي کاڌ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين ۾ علاج نه ٿيڻ سان گڏ دوائن جي کوٽ رهندي آھي. اهڙين حالتن سبب اتان جا ڪيئي ماڻھو بي موت مري ويندا آھن.  ڏاکڻين علائقن ۾ گهميل موسم سبب سياري ۾ ٿڌ ته پوي ٿي ليڪن برفباري نه ٿي ٿئي.چيو وڃي ٿو ته خط استوا جي ويجهن علائقن ۾گهم وڌيڪ ٿئي ٿي. خط استوا equator دنيا جي نقشي جي هڪ لڪير آھي جيڪا دنيا کي اتر ۽ ڏکڻ ۾ برابر ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري ٿي. خط استوا جي اهم علائقن ۾ اميزون، ايشيا، برما، سوڊان، صحرا اعظم ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.

 هڪ ڀيري ٿر ۾ ھئاسون چانڊوڪي رات هئي آئون چئونري ويجهو ڪونڀٽ جي وڻ ھيٺان وڃي بيٺس، چاهيم ٿي ته ڀٽون لتاڙيندو اڳتي هليو وڃان، سو آھستي آھستي واري ۾ اڳيان نڪرڻ لڳس. هڪ ڀٽ لتاڙي ٻي ڀٽ ڏانهن اڳتي نڪري ويس، پويان ميزبان سڏ ڪيو،سڏ پڙاڏو بڻجي وري وري منهنجي سماعتن تائين پهتو ٿي. هاڻي اڳتي نه وڃ، هاڻي اڳتي نه وڃ ھتي ڪيئي زهريليون بلائون آھن  جيڪي چانڊوڪي ۾ ٻاهر نڪري اينديون آھن، ماڪ چٽينديون آھن ۽ ماڻھو کي ڏنگي ماري وجهنديون آھن.  آئون سڏ ٻڌي اتي ئي بيھي رهيس. مون دل ۾ چيو هتي نه فقط واري جون بلائون ڏنگين ٿيون پر زندگي ۾ ته ڪيئي بلائون ڏنگينديون رهنديون آھن، ماڻھو ته انهن جي ڏنگ کان پاڻ بچائي نه ٿو سگهي. آئون جتي بيٺو هوس، اتي وهيون به سهڪندو سهڪندو اچي پهتو، چيائين اسان سمجهو ته تون ايترو پري نه ويندين تون ته وڃي ڪٿان نڪتو آھين! هو پوءِ  مون کي ٻي واٽ تان واپس وٺي ٿي هليو. ان وقت مون کي ايئن لڳو گويا آڪاش مان چانڊوڪي ڇڻي رهي آھي،مون سونهين کي چيو، ههڙي ڌرتي، ههڙا ڦولدار وڻ، ھھڙي ٿڌي رات، ههڙي خاموشي وري ڪٿي ملندي ۽ اهوئي عظيم سرجڻھار آھي جنهن آڪاش منڊل ۾ ستارن جا جهمٽ، ڌرتي تي پهاڙ،  درياءَ، صحرا، اونداهيون ۽ اڄ جهڙيون چانڊوڪيون جوڙيون آھن. اڄ جيڪڏھن مون کي اڃان اڳتي ڇڏين ها ته مان اپائڻھارجون وڌيڪ عظيم قدرتون ڏسندو ويندو رهان ها. مان جڏھن اڄ چنڊ کي ڪنڊي ٽار مٿان ڏسان ٿو ته مون کي هي دنيا بي انتها خوبصورت لڳي ٿي. ماڻھو ته اڳئين دنيا لاءِ زندگي گنوائين ٿا جيڪا ڪنهن جي به ڏٺل ڪونهي، اها ٻي ڳالھه آھي ته اسان پنهجي ايمان سان ان کي مڃون ٿا. هن خوبصورت دنيا ۾ زندگي لاءِ موت وري بدصورت آھي جيڪو بکايل عقاب جيان آھي، جهڙپ ڏيئي زندگي ڪنهن به وقت جهٽي ٿو وڃي. انسان کي اعمال چڱا رکڻ گهرجن، ويدانتي شاعر سامي هڪ هنڌ چيو آھي.

چريا سي چئجن، جي پاڻ پڇاڻن ڪينڪي

ڳالهيون ڀلن جون ٻڌي،  مرم نه رکن من

پنهنجي ڳچي پاڻھي جوڙي سيل وجهن

سامي ڪين ڏسن،  جهاتي پائي گهر ۾

ويدانت جو نظريو مطابق آتما(انسان جو نفس) برهما يا روح ڪل آھي، برهما (خدا)جي ذات ابدي ۽ لا محدود آھي، باقي سڀ شيون فنا آھن. ويدانت ۾ شنڪر آچاريا نئون  خيال متعارف ڪرايو هو ته فقط خدا جي هستي وڏي آھي، هي ڪائنات ان جي پيدا ڪيل آھي جيڪو لوچيندو سو ئي ان کي  لهندو.

مون ڪنڊي جي وڻ جي ٽاري مٿان بيٺل چنڊ کي ڏسي وهيون کي چيو، هتان ڪيئي راجا ۽ راڻيون هليا ويا پر چنڊ انهيءَ ئي ڪنڊي جي ٽاري مٿان بيٺو آھي. اسان واري تي لڙکڙائيندا اڳيان هلڻ لڳاسين ته وهيون چيو، هتان کان ٿورو اڳيان لاکي ڦلاڻي جو پيچرو ٿو سڏجي. وڏڙا چوندا هئا ته لاکو ڦلاڻي اڪثر ڪڇ ڀڄ کان هن رستي سان سنڌ ايندو هو يا وري سنڌ کان وڃي ڪڇ تي حملا ڪندو هو. هن جو هڪ پير ڪڇ ۾ ۽ ٻيو پير سنڌ ۾ هوندو هو. چون ٿا ته ڪڇ جي راجا راءِ کنگهار، ريٻارين جي چڱن مڙسن جي چوڻ تي سندس دوست جسو ۽ جسراج مارايو هو، جنهن کان پوءِ لاکو لوڙائو/ڌاڙيل ٿي ويو، ريٻارين ۽ راءِ کنگهار جي ماڻھن کي مارڻ لڳو.

لاکا لک سجهن، ڦلاڻي ڦير ٻيو

جنهن ڀر راڻا راڄيا،ڪوٽن ڌڻي ڪنبن

جنهن جو جاڙيجن، ستي سنچو نه لهي

سنڌ ۾ سوين ڌاڙيل ٿيا پر انهن ۾ ڦل ماڇي،پرو چانڊيو،علي گوهر چانڊيو۽ سرو چانڊيو جهڙا اصول پرست  ڌاڙيل ٻيا نه هئا. هنن ڪنهن به غريب ماڻھو يا وري عورت ذات کي نه ڦريو. سنڌ۾ ڌاڙيل ڪلچر جي شروعات انگريزن جي دور کان ٿي،ليڪن انهن جو عروج جنرل ضياءَ جي دور ۾ ٿيو. انهن مان گهڻا حڪمرانن، زميندارن يا وري تر جي آفيسرن جي ذھني توڙي جسماني تشدد سبب ڌاڙيل ٿيا. جڏھن ته ڪجھه ڌاڙيل ڏوهاري طبيعت ماڻھو ھئا. هن وقت جهنگلي ڌاڙيلن کان به شھري ڌاڙيل زور آھن جن کي وڏي سياسي پٺڀرائي حاصل آھي ان حد تائين جو اهي ڪورٽن تي به دٻاءُ وجهي  آزاد ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ وتن ٿاماڻھو ڦريندا ۽ ماريندا.  هن وقت  سنڌ جي ٻھراڙين جي رستن تي به ڪو مسافرمحفوظ ناهي،جيڪو به سفر ڪري ٿو اڪثر ڪري ڦرجي وڃي ٿو يا  وري خطرناڪ علائقن ۾ اغوا ٿي وڃي ٿو.

سنڌ ۾ اسي جي ڏھاڪي کان هيل تائين سوين  اغوا ڪيل نوجوان ڌاڙيلن هٿان ڀنگ نه ملڻ ڪري قتل ٿي چڪا آھن. ڪراچي ۽ حيدرآباد جھڙن شھرن ۾ وري شھري ڌاڙيلن هٿان ڪيئي ڳڀرو بي گناهه قتل ٿي چڪا آھن ۽ ٻيا وري پنهنجون جائيدادون انهن کان  ڦرائي ويٺا آھن.

واپس ايندي مون کي وهيون چيو ته اڳين دور ۾ ماڻھو اڪثر ڪري پيادل، اٺن۽ گهوڙن تي سفر رات ٽاڻي ڪندا هئا،ڇاڪاڻ ته رات جو سفر سوکو لڳندو هو ۽ سفر به گهڻو ڪري وڃبو هو.  راتين جي ان سفر دوران مسافرن کي فقط جهنگلي جانورن جو ڀئو لڳندو هو  جنهن ڪري سفر تي ٻه ٽي ماڻھو گڏ نڪرندا هئا. هاڻي رات جو سفر ڪرڻ ته پري جي ڳالھه آھي ليڪن ڏينهن جو سفر ڪندي به ماڻھو کي ماڻھن مان خوف ٿو لڳي. اسان واپس چئونري تي پهتاسين، ان وقت چانڊوڪي هوا ۾  ٻور جيان ڇڻي رهي هئي، مون ساري رات جاڳي گذاري هئي.